اسلام آباد ??? 23 – مارچ (اي پي پي) منشيات جي خاتمي واري وفاقي وزير برگيڊيئر (ر) اعجاز احمد شاهه چيو آهي ته 23 مارچ جو ڏينهن اسان ان وچن کي ورجائيندا آهيون ته اسان پاڪستان کي هڪ مثالي ملڪ بڻائينداسين. اڄ جي ڏينهن نظريي پاڪستان جو باقاعده طور تي سنگ بن??اد رکيو ويو. اڱاري ڏينهن پاڪستان جي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ وفاقي وزير چيو ته پاڪستان جي ڏهاڙي جي موقعي تي آئون قائدا??ظم محمد علي جناح ۽ سمورن انهن ا??واڻن کي خراج عقيدت پيش ڪريان ٿو جيڪي پاڪستان جي قيام جي سفر ۾ حصو هئا.