اسلام آباد – 09 اپريل (ا?? پي پي) بزرگ صحافي ۽ قومي خابرو اداري ??يس??سئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (ا?? پي پي) جو اڳوڻو چيف ن??وز ايڊيٽر عثمان حميد خان 73 سالن جي عمر ۾ جمعي ڏينهن لاڏاڻو ڪري ويو جنهن کي عصر جي نماز کانپوءِ مغليه گارڊن واه ??ي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو، مرحوم جي جنازي نماز ۾ رشتيدارن، ساٿين ۽ دوستن شرڪت ڪئي. عثمان حميد پهرين اپريل 1948ع تي روالپنڊي جي ويجهو قصبه واهه ۾ پيدا ٿيو. هن 1968ع ۾ پنجاب يونيورسٽي مان انگريزي ۾ ماسٽرس جي ڊگري حاصل ڪئي ۽ انگريزي اخبار ن??وز ٽائيم راولپنڊي ۽ خابرو اداري ا?? پي پي کان پنهنجي صحافتي ڪيريئر جو آغاز ڪيو. هو پهرين فيبروري 1977ع تي ا?? پي پي سان جڙي ويو. هن قومي خابرو اداري ۾ پنهنجي شاندار صحافتي ڪيريئر دوران اهم نوعيت جي رپورٽنگ ۽ ڊيسڪ تي چيف ن??وز ايڊيٽر جا فرض سرانجام ڏيڻ کانسواءِ مختلف صدرن ۽ وزيراعظم سميت وي آءِ پي ڪوريج جون ذميداريون به بهترين انداز ۾ نڀايون، جنهن کي قومي اخبارن جي وڏين سرخين ۾ نمايان جڳهه ملي. هن ڪيريئر دوران ڊپلوميٽڪ ڪارسپانڊنٽ طور به فرض سرانجام ڏنا، سندس شاندار صحافتي خدمتن تي انٽرنيشنل آرگنائيزيشن آف جرنلسٽس جي اهمتام هيٺ عالمي صحافتي م??ابلي ۾ ايوارڊ سان به نوازيو ويو. هُو پنهنج?? پيشيوراڻي م??ارت، شفيقاڻي رويي جي بنياد تي نه رڳو ا?? پي پي پر صحافتي برادري ۾ قابل احترام حيثيت رکندو هو، هو 31 مارچ 2008ع تي قومي خابرو اداري مان رٽائر ٿيو.