اسلام آباد – 02 آگسٽ (اي ??ي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين ۽ وزيراعظم جي پارلياماني معاملن واري صلاحڪار ڊاڪٽر بابر اعواڻ چيو آه?? ته اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين (اي ??ي ايم) ۽ آئي ووٽنگ پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت جو انقلابي قدم آه??، ملڪ ۾ صاف، شفاف ۽ منصفاڻي چونڊن جي لاءِ ٽيڪنالاجي جو استعمال وق?? جي اهم ضرورت آه??، هڪ ڊگهي جدوجهد کانپوءِ اسان چونڊن کي شفاف بڻائڻ جو حل قوم آڏو رکي ڇڏيو آه??، اسان وٽ جيئن ئي اليڪشن ٿئي ٿي ان تي اعتراض کڄن ٿا ۽ آخري دم تائين هارائيندڙ پنهنجي شڪست تسليم نه ٿو ڪري. اهڙن خيالن جو اظهار هنن اي ??ي ايم ۽ آئي ووٽنگ بابت ڪابينا ڪميٽي جي اجلاس دوران ڳالهائيندي ڪيو. اجلاس ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وزار?? جي آفيسرن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته ملڪ ۾ صاف شفاف ۽ منصفاڻي چونڊون من??قد ڪرائڻ موجوده حڪوم?? جي اولين ترجيح آه??، ان مقصد جي لاءِ ٽيڪنالاجي جو استعمال وق?? جي اهم ضرورت آه??. هن چيو ته اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين ۽ آئي ووٽنگ تحريڪ انصاف جي حڪومت جو چونڊ عمل ۾ هڪ انقلابي قدم آه??، اي ??ي ايم جي استعمال سان اليڪشن جي شفافيت کي ممڪن بڻائي سگهبو. هن چيو ته 1970ع کان اڄ تائين ڪا اليڪشن اهڙي نه آه?? جنهن ۾ ڌانڌلي جا الزام نه لڳا هجن. وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته حڪومت ا??يڪٽرانڪ ووٽنگ مشينن بابت عوامي راءِ کي متحرڪ ڪرڻ جي لاءِ ميڊيا ذريعي مهم شرو ڪندي. اجلاس دوران ڳالهائيندي وزيراعظم جي پارلياماني معاملن واري صلاحڪار ڊاڪٽر بابر اعواڻ چيو ته هڪ ڊگهي جدوجهد کانپوءِ اسان چونڊن ۾ شفافيت آڻڻ جو حل قوم آڏو رکي ڇڏيو آه??. هن چيو ته ڪامسيٽس ۽ ٻين ادارن جي اڻٿڪ محن?? جي نتيجي ۾ اڄ اسان اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جو هڪ انقلابي قدم کڻڻ وڃي رهيا آه??ون. هن چيو ته اسان کان 5 ڀيرا وڌيڪ آبادي واري پاڙيسري ملڪ پنهنجي چونڊن کي اي ??ي ايم ذريعي قابل قبول بڻايو آه??. ڊاڪٽر بابر اعواڻ چيو ته اسان وٽ جيئن ئي اليڪشن ٿئي ٿي ان تي اعتراض کڄن ٿا ۽ آخري دم تائين هارائيندڙ پنهنجي شڪست تسليم نه ٿو ڪري. هن چيو ته هن وقت اسان هڪ اهڙي مرحلي ۾ بيٺل آه??ون جتي ٻن سالن کانپوءِ اليڪشن ٿيڻي آه??، ان چئلينج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پي ٽي آءِ جي حڪومت ا??م قدم کڻي رهي آه??. هن چيو ته ان کان اڳ اي ??ي ايم جي حوالي سان سڌوسنئون ٽيڪنالاجي جي استعمال جي اجازت ته هئي پر اليڪشن ڪميشن کي اختيار نه ڏنو ويو هو. اي ??ي ايم ۽ آئي ووٽنگ بابت ڪابينا ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڪابينا جي فيصلي تحت ا??يڪٽرانڪ ووٽنگ مشينز ۽ آئي ووٽنگ کي حتمي شڪل ڏيڻ بابت غور ڪيو ويو ۽ فيصلو ڪيوويو ته نادرا ڪميٽي کي آئي ووٽنگ بابت بريفنگ ڏيندي جنهن ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وزار?? جي ڪنسلٽنٽ جي رپورٽ جي روشني ۾ کنيل قدمن سان گڏوگڏ نادرا جي سسٽمز جي اپ گريڊيشن تي ڪميٽي کي اگاهه ڪيو ويندو. ان کانسواءِ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت اي ??ي ايم کي حتمي شڪل ڏيڻ جي لاءِ هن ئي هفتي ڪميٽي جو خاص اجلاس گهرائيندي ته جيئن ڪابينا جي فيصلي تي عملدرآمد ممڪن بڻائي سگهجي. اي ??ي ايم کي مختلف باڊيز جي اليڪشن ۾ آزمائش طور استعمال ۾ آڻڻ جي تجويز تي پڻ غور ڪيو ويو جڏهن ته حتمي فيصلو ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڪيو ويندو. ياد رهي ته وفاقي ڪابينا چونڊ سڌارن خاص طور تي اي ??ي ايم متعارف ڪرائڻ ۽ سمنڊ پار پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ بابت هدايت ڪئي آه?? ته اي ??ي ايم بابت عوامي راءِ جي لاءِ متحرڪ مهم شروع ڪئي وڃي. ڪابينا وڌيڪ هدايت ڪئي ته حڪومت جا ٽي سال مڪمل ٿيڻ تي من??قد ٿيندڙ تقريب ۾ مقامي طور تي تيار ڪئي ويندڙ اي ??ي ايم جي ماڊل کي پڻ شامل ڪيو وڃي. وفاقي ڪابينا 18 مئي 2021ع تي من??قد ٿيندڙ پنهنجي اجلاس ۾ اي ??ي ايم متعارف ڪرائڻ ۽ سمنڊ پار پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ جي لاءِ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪشن واري وفاقي وزير ۽ وزيراعظم جي پارلياماني معاملن واري صلاحڪار تي ٻڌل هڪ ڪميٽي جوڙي هئي. ان کانسواءِ ڪابينا 9 مارچ 2021ع تي پنهنجي اجلاس ۾ وزيراعظم جي پارلياماني معاملن واري صلاحڪار کي هدايت ڪئي هئي ته چونڊن ۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين متعارف ڪرائڻ، سمنڊ پار پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ ۽ صاف، شفاف ۽ منصفاڻي چونڊن جي لاءِ چونڊ سڌارن بابت ٿيندڙ اڳڀرائي بابت ڪابينا جي هر اجلاس ۾ بريفنگ ڏني وڃي. پارلياماني معاملن واري صلاحڪار ڄاڻايل نقطن تي وفاقي ڪابينا جي هر اجلاس ۾ بريفنگ ڏني. ان کانسواءِ 31 مئي 2021ع تي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت ۾ ٿيندڙ اجلاس دوران فيصلو ڪيو ويو هو ته مقامي طور تي تيار ڪئي ويندڙ اي ??ي ايم جو ماڊل مظاهري جي لاءِ 17 جولاءِ 2021ع تائين ڪسميٽس، اين آئي اي ۽ نسٽ جي ذريعي تيار ڪيو ويندو.