اسلام آباد – پهرين سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان اعليٰ تعليم جي فروغ ل??ءِ جاري اهم منصوبن کي ترجيحي بنيادن تي مڪمل ڪرڻ، يونيورسٽين ۾ اعليٰ تعليم کي يقيني بڻائڻ ۽ وفاق پاران مهيا ڪيل مالي وسيلن جي بهترين استعمال جي ل??ءِ نظام جوڙڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ ملڪ ۾ اعليٰ تعليم جي فروغ سان لاڳاپيل معاملن تي جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ تعليم واري وفاقي ??زير شفقت محمود، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي ??زير چوڌري فواد حسين، منصوبابندي واري وفاقي ??زير اسد عمر، خاص معاون ڊاڪٽر شهباز گل، منصوبابندي ڪميشن جي دپٽي چيئرمين ۽ ٻين سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اجلاس کي آگاهه ڪيو ويو ته هلن??ڙ مالي سال 22 – 2021ع جي ل??ءِ هايئر ايجوڪيشن ڪميشن کي ملڪ ۾ اعليٰ تعليم جي فروغ ل??ءِ 168 منصوبن تي عملدرآمد جي ل??ءِ 42 ارب رپيا رکيا ويا آهن. انهن منصوبن ۾ 29 ارب رپيا ماليت جا 128 جاري منصوبا جڏهن ته 12 ارب رپيا ماليت جا 40 نوان منصوبا شامل آهن. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته اعليٰ تعليم جي فروغ ل??ءِ جاري اهم منصوبن کي ترجيحي بنيادن تي مڪمل ڪيو وڃي. وزيراعظم ملڪي وسيلن جي موثر استعمال کي يقيني بڻائڻ جي ل??ءِ هايئر ايجوڪيشن ڪميشن جي مدد سان هلندڙ وظيفن جي پروگرام جو جائزو وٺڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم صوبن ۾ وفاقي حڪومت جي معاونت سان هلن??ڙ مختلف يونيورسٽين ۾ اعليٰ تعليمي معيار کي يقيني بڻائڻ ۽ وفاق پاران مهيا ڪيل مالي وسيلن جي بهتر استعمال جي حوالي سان نظام جوڙڻ ج?? پڻ هدايت ڪئي. هن تعليمي نظام ۽ يونيورسٽين جي حوالي سان پڻ جزا ۽ سزا جو نظام متعارف ڪرائڻ جي هدايت ڪئي ته جيئن اعليٰ تعليم جي فروغ جي ل??ءِ حڪومتي پاليسين کي موثر طريقي سان لاڳو ڪرڻ کي يقيني بڻائي سگهجي. وزيراعظم فني ۽ پيشيواراڻي تعليمي نظام جي فروغ جي ضرورت ت?? پڻ زور ڏنو ته جيئن نوجوانن کي جديد دور جي گهرجن موجب علم ۽ هنر سان ليس ڪري موجود موقعن مان فائدو کڻڻ جي قابل بڻائي سگهجي.