اسلام آباد – 31 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان کي غذائي پيداوار ۾ پاڻڀرو بڻائڻ حڪومت جي ??ول??ن ترجيح آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن غذائي تحفظ واري وفاقي وزير سيد فخر امام سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقا?? ۾ ??زيراعظم کي چانور، ڪمند، مڪئي ۽ ڪپهه سميت خريف جي فصلن جي پيداوار ۾ متوقع اضاف?? جي حوالي سان آگاهه ڪيو ويو ۽ کيس لائيو اسٽاڪ ۽ ماهيگير?? جي شعبي ۾ وزارت پاران آندل سڌارن تي پڻ بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته لائيو اسٽاڪ جي جديد طريقي سان افزائش نسل، خوراڪ جي فراهمي ۽ صحت جي سهولتن ۾ بهتري آندي پئي وڃي، پيداوار ۾ وڌيڪ اضاف?? جي لاءِ تحقيقي ادارن ۾ سڌارا متعارف ڪرايا پيا وڃن. وزيراعظم چيو ته پاڪستان کي غذائي پيداوار ۾ پاڻڀرو بڻائڻ حڪومت جي ??ول??ن ترجيح آهي، زرعي شعبي ۾ جدت آڻڻ جي لاءِ حڪومت ايگريڪ??چر?? ٽرانسفارميشن پلان لاڳو ڪرڻ کي يقيني بڻائي رهي آهي.