اسلام آباد – 08 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ملڪ ۾ ٽيڪنالاجي جي منتقلي جي اهميت تي زور ڏيندي چيو آهي ته مناسب قيمتن تي معياري گاڏين جي پيداوار جي حوا??ي سان حڪومت هر ممڪن ??عاونت فراهم ڪندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ٽويوٽا انڊس موٽرز ڪمپني پاڪستان جي وائيس چيئرمين شنجي يناگي ۽ چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر علي اصغر جما??ي سان ڳالهائيندي ڪيو جن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ناڻي وار?? وفاقي وزير شوڪت فياض ترين، صنعت ۽ پيداوار وار?? وفاقي وزير مخدوم خسرو بختيار، توانائي وار?? وفاقي وزير محمد حماد اظهر ۽ لاڳاپيل سينيئر آفيسر موجود هئا. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته ٽويوٽا موٽرز هائبرڊ اليڪٽرڪ گاڏين جي مقامي پيداوار جي لاءِ پاڪستان ۾ 100 ملين ڊالر جي سيڙپڪاري ڪندي. وزيراعظم ٽويوٽا موٽرز جي فيصلي کي موس??يا??ي تبديلي ک منهن ڏيڻ ۽ ملڪ ۾ روزگار جا وسيع موقعا پيدا ڪرڻ جي حوا??ي سان هڪ ذڪر جوڳو قدم قرار ڏنو. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته اهي عاليم آٽو ايڪسپورٽ مارڪيٽ ۾ پاڪستان جي لاءِ وڌ کان وڌ حصو حاصل ڪن. وزيراعظم گاڏين جي قيمتن ۾ گهٽتائي آڻڻ جي هوا??ي سان ٽويوٽا موٽرز جي تعاون کي ساراهيو. وزيراعظم ٽيڪنالاجي جي منتقلي جي اهميت تي زور ڏيندي چيو ته مناسب قيمتن تي معياري گاڏين جي پيداوار جي حوا??ي سان حڪومت هر ممڪن ??عاونت فراهم ڪندي.