اسلام آباد – 15 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چي?? آهي ته اها به فيڪ نيوز آهي ته پي ايم ڊي اي تي ڪو آرڊيننس آڻي رهيا آهيون يا ڪو مسودو تيار آهي، اسان پاڪستان ميڊيا ڊولپمينٽ اٿارٽي (پي ايم ڊي اي) تي مشاورت ڪري رهيا آهيون، سب ڪم??ٽي جي سربراهه مريم اورنگزيب پاران احتجاجي ڪيمپ ۾ وڃي پي ايم ڊي اي کي ڪارو قانون چئي رد ڪيو ويو، ڇا اهو سٺو نه ٿئي ها ته سب ڪم??ٽي ڪم??ٽي جي سربراهه غير جانبدار رهي ها ۽ پنهنجو موقف ان فورم تي پيش ڪري ها، اسان جي اميد هئي ته مشاورتي عمل ۾ بامعنيٰ بحث جي ذريعي اڳتي وڌون، پي ايم ڊي اي تحت ميڊيا بابت ادارا هڪ ڇٽي هيٺ گڏ ڪرڻ کانپوءِ ڪ??هن ملازم کي فارغ نه ڪيو ويندو. هو قومي اسيمبلي جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪم??ٽي جي سب ڪم??ٽي ۾ پي ايم ڊي اي فريم ورڪ تي بريفنگ ڏئي رهيو هو، سب ڪم??ٽي جي اجلاس جي صدارت ڪم??ٽي جي چيئرمين مريم اورنگزيب ڪئي، جڏهن ته ڪم??ٽي ميمبر ڪنول شوزب ۽ ??في??ه شاهه به موجود هيون، اجلاس ۾ پي بي اي، سي پي اين اي، اي پي اين ايس، پي ايف يو جي ۽ صحافتي تنظيمن جا عهديدارن شريڪ هئا ۽ پنهنجون پنهنجون تجويزون پيش ڪيون، مملڪتي وزير فرخ حبيب ٻڌايو ته پي ايم ڊي اي فريم ورڪ تي پي بي اي، اي پي اين ايس، سي پي اين اي ۽ ملڪ جي پنج وڏن پريس ڪلبن، پي ايف يو جي سميت سمورن لاڳاپيل ڌرين سان مشاورت ڪئي وئي آهي، هن چي?? ته پيمرا، اي بي سي، پريس رجسٽرار، پريس ڪائونسل، موشن پيڪچر ۽ ٻي ميڊيا بابت ادارا آهن، انهن کي پي ايم ڊي اي جي ڇٽي هيـٺ گڏ ڪرڻ وڃي رهيا آهيون، ان سان نه رڳو بجيٽ گهٽ ٿيندو پر پراسيس ۾ آساني پيدا ٿيندي، هن چي?? ته ميڊيا ڪم??لينٽ ڪم??شن ۾ اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل ميڊيا سان جڙيل صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز جي درخواستن تي 21 ڏينهن ۾ فيصلو ٿيندو، ميڊيا ڪم??لينٽ ڪم??شن جو فيصلو ميڊيا ٽربيونل ۾ چئلينج ڪري سگهجي ٿو جتان 21 ڏينهن ۾ فيصلو ٿيندو، ان فيصلي کي سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري سگهبو، پاڪستان ميڊيا ڊولپمينٽ اٿارٽي ڪنهن به صورت ۾ ميڊيا ڪم??لينٽ ڪم??شن تي اثر انداز نه ٿيندو. هن چي?? ته ميڊيا ڪم??لينٽ ڪم??شن جي لاهور، ملتان، سکر، ڪراچي، ڪوئيٽا، پشاور ۽ اسلام آباد ۾ موجودگي هوندي، هن چي?? ته او ٽي ٽي پليٽ فارم تي اسان جو مقامي ڪانٽينٽ بلڪل به نه آهي، اسان پي ايم ڊي اي لاءِ آف ڪام، سنگاپور ۽ ملائيشيا ماڊل کان رهنمائي ورتي آهي، هن چي?? ته صحافي ۽ ميڊيا ورڪرز جو مطالبو آهي ته پگهارن ۽ ويج بورڊ جو مسئلو حل ڪريو، هن چي?? ته اها به فيڪ نيوز آهي ته پي ايم ڊي اي تي ڪو آرڊيننس آڻي رهيا آهيون يا ڪو مسودو تيار آهي، مملڪتي وزير فرخ حبيب چي?? ته اڄ پيمرا، پريس ڪائونسل سميت موجوده قانونن کي مضبوط بڻائڻ جي ڳالهه ڪئي وئي، هن چي?? ته ڊجيٽل ميڊيا کي ٽيڪس نيٽ ۾ آڻي رهيا آهيون، او ٽي ٽي پيلٽ فارم کي ليگل ڪور ڏيڻ چاهيون ٿا، ڊجيٽل ميڊيا کي لائسنسنگ نه ڪري رهيا آهيون ان کي رجسٽرڊ ٿيڻو پوندو. هن چي?? ته فيڪ نيوز تي تعميري بحث وقت جي اهم ضرورت بڻجي چڪو آهي ، ڪم??ٽي ميمبر ڪنول شوزب چي?? ته سب ڪم??ٽي جي چيئرمين مريم اورنگزيب جانبداري جو مظاهرو ڪندي پي ايم ڊي اي کي مشاورت کان پهرين ئي رد ڪيو، مريم اورنگزيب جي سب ڪم??ٽي جي سربراهي تي سواليه نشان بڻجي چڪو آهي، ڪم??ٽي جي ميمبر ??في??ه شاهه چي?? ته ڪنول شوزب جو احتجاج بلڪل ٺيڪ آهي، جيڪڏهن ان معاملي تي سب ڪم??ٽي ٺهي آهي ته ان تي ان حوالي سان معاملا بحث هيٺ آڻڻ گهربا هئا، پي ايف يو جي جي صدر پرويز شوڪت چي?? ته پاڪستان جي ميڊيا ۾ نه ملازمت ڏيڻ جو قانون آهي نه ئي ڪڍڻ جو ڪو قانون آهي، صحافي ۽ ميڊيا ورڪرز 10، 10 مهينن کان پگهارن کان محروم آهن، اوچتو ميڊيا ادارن مان ڪڍيو ويندو آهي ۽ چوڪيدار کي چئي آفيس داخلا تي پابندي لڳائي ويندي آهي، بقايائون نه ڏنيون وينديون آهن، پي ايف يو جي پروفيشنلز جي صدر مظهر اقبال چ يو ته اسان پي ايم ڊي اي کي رد نٿا ڪريون، ان جي تجويزن تي ڳالهائڻ چاهيون ٿا، آءِ ٽي اين اي ۾ 10، 10 سال ڪيسز التوا ۾ رهندا آهن، فيصلا ناهن ٿيندا، هن چي?? ته پاڪستان ميڊيا ڊولپمينٽ اٿارٽي (پي ايم ڊي اي) صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز لاءِ هڪ نعمت آهي، پهريون ڀيرو صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز کي پگهارن جي عدم ادائيگي ۽ ڪنٽريڪٽ تي عمل نه ڪرڻ تي 21 ڏينهن ۾ فيصلو ملي سگهندو، پي ايف يو جي جي صدر افتخار مشواني چي?? ته اسان هر ان قانون جي آجيان ڪنداسين جيڪو صحافين ۽ ميِڊيا ورڪرز جي مفاد ۾ هوندو، گذريل ڪجهه سالن ۾ هزارين صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز کي نوڪرين تان فارغ ڪيو ويو، ڪنول شوزب چي?? ته سب ڪم??ٽي جي ايندڙ اجلاس ۾ ٻين تنظيمن کي به ٻڌنداسين، ڪم??ٽي جي چيئرمين مريم اورنگزيب چي?? ته جرنلسٽس اينڊ ميڊيا پروفيشنلز پروٽيڪشن بل کي جلد انساني حقن بابت اسٽينڊنگ ڪم??ٽي مان پاس ڪرائي ايوان ۾ آڻي اتفاق راءِ سان منظور ڪرائينداسين، سموريون لاڳاپيل ڌريون 21 سيپٽمبر تائين پنهنجون تجويزون تحريري طور تي سيڪريٽريٽ موڪلين.