اسلام آباد – 14 – آڪٽوبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي چيو آهي ته پاڪستان ڪوريا سان واپار کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جو خواهشمند آهي، ڪوريا کي سي پيڪ منصوبن ۽ علائقائي رابطا وڌائڻ لاءِ خصوصي اقتصادي زونز ۾ به سيڙپڪاري مان فائدو ک??ڻ گهرجي.
اها ڳالهه هن ڏکڻ ڪوريا جي سفير سان ڳالهائيندي ڪئي جنهن پارليامينٽ هائوس ۾ ساڻس مل??قا?? ڪئي. مل??قا?? ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن سميت ٻه طرفي لاڳاپن ۽ علائقائي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي و??ي، سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي چيو ته پاڪستان جا ماڻهو ڪوريا سان لاڳاپن کي انتهائي عزت جي نگاهه سان ڏسن ٿا، ڏکڻ ڪوريا جو امن، جمهوريت ۽ خوشحالي جي رستي تي سفر قابل تحسين آهي، هن چيو ته ڪجهه ڏهاڪن جي ٿوري عرصي ۾ ڪوريا پاڻ کي ٽيڪنيڪي لحاظ کان ترقي يافته معيشت ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي. پاڪستان ڏکڻ ڪوريا سان پنهنجي گهڻ رخي لاڳاپن کي انتهائي وڏي اهميت ڏي ٿو جنهن ۾ گڏيل تعاون جي سياسي، اقتصادي، سائنسي، دفاعي، ثقافتي ۽ ٻيا شعبا شامل آهن.
هن چيو ته افغانستان ۾ تازي بدلجندڙ صورتحال کي نظر ۾ رکندي پاڪستان 16000 کان وڌيڪ غير ملڪي شهرين کي حفاظت سان وطن پهچايو، ڏکڻ ڪوريا جي درخواست تي پاڪستان 392 ڪورين رهواسين کي باحفاظت ڪابل مان ڪڍي و??تو آهي، ٻنهي اڳواڻن قومي ۽ عالمي سطح تي گڏيل مفادن جي حوالي سان گڏيل تعاون ۽ گڏيل تفهيم کي وڌيڪ وڌائڻ تي زور ڏنو، هن چيو ته پاڪستان ڪوريا سان پنهنجي معاشي لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏي ٿو، گذريل ٻن سالن ۾ ڪورين ڪمپنين پاڪستان ۾ پنهنجي موجودگي ۽ مارڪيٽ شيئر ۾ سراسري اضافو ڪيو آهي، پاڪستان ۽ ڪوريا جي وچ ۾ 1.122 بلين آمريڪي ڊالر جي موجوده گڏيل واپار ٻنهي ملڪن جي صلاحيت کان گهڻي گهٽ آهي. سينيٽ چيئرمين چيو ته گڏيل واپار کي فروغ ڏيڻ لاءِ فعال قدم کڻڻ جي ضرورت آهي، واپار جي فروغ لاءِ فري ٽريڊ ايگريمنٽ ٻنهي ملڪن جي لاءِ فائديمند ثابت ٿيندو. 220 ملين آبادي ??ي مشتمل ملڪ پاڪستان، افغانستان ۽ وچ ايشيائي ملڪن سان ڳنڍيل آهي جنهن جي ڪري پاڪستان سڄي دنيا لاءِ سيڙپڪاري جي لحاظ کان اهم ملڪ آهي.
صادق سنجراڻي ايگزيم بئنڪ پاران اسلام آباد ۾ 88.80 ملين ڊالرز جي لاڳت سان انفارميشن ٽيڪنالاجي پارڪ جي تعمير تي ڪم شروع ڪرڻ تي ڏکڻ ڪوريا جي تعاون کي ساراهيو. مل??قا?? ۾ ڏکڻ ڪوريا پاران پاڪستان ۾ سام سنگ موبائيل مينوفيڪچرنگ يونٽ جي قيام جي حوالي سان به ڳالهه ٻولهه ڪئي و??ي. صادق سنجراني چيو ته پاڪستان ڪوريا سان واپار کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جو خواهشمند آهي، ڪوريا کي سي پيڪ منصوبن ۽ علائقائي رابطا وڌائڻ لاءِ خصوصي اقتصادي زونز ۾ به سيڙپڪاري مان فائدو ک??ڻ گهرجي، مل??قا?? ۾ ٻنهي ملڪن جي پارليامينٽ کي ويجهو آڻڻ ۽ پارلياماني تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ لاءِ پارلياماني فرينڊشپ گروپس جي وچ ۾ وفدن جي مٽاسٽا جي ضرورت تي زور ڏنو ويو. سينيٽ چيئرمين چيو ته پاڪستان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ثقافتي سطح تي به وفدن جي مٽاسٽا جي آجيان ڪري ٿو. پاڪستان ۾ گنڌارا تهذيب جي تحفظ ۽ بحالي لاءِ ڪوريا جون ڪوششون واکاڻ جوڳيون آهن. مل??قا?? ۾ ٻنهي اڳواڻن گڏيل تعاون کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو.