اسلام ??باد – 18 ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان عالمي برادري جو ڌيان ا??غا??ستان جي صورتحال طرف ڇڪرائڻ جي لاءِ مسلسل ڪوشش ڪري ره??و آهي ۽ ا??غا??ستان جي ويجهي پاڙيسري ملڪ هجڻ جي ناطي، ا??غا?? ڀائرن جي انساني بنيادن تي امداد جي لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪري ره??و آهي. هن اها ڳالهه پرڏيهي وزارت ۾ ا??غا??ستان جي عبوري پرڏيهي وزير امير خان متقي سان ملاقات دوران چئي. هن چيو ته او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جو غيرمعمولي اجلاس منعقد ٿيڻ انهن ئي ڪوششن جي هڪ ڪڙيءَ آهي، اسان ان اجلاس جي ذريعي عالمي برادري کي پيغام ڏئي ره??ا آهيون ته ماضي جي غلطين مان سبق سکندي ا??غا??ستان ۾ امن ۽ استحڪام ??ي لاءِ اڳتي وڌي. پرڏيهي وزير چيو ته ا??غا??ستان ۾ اجتماعيت رکندڙ حڪومت بنيادي انساني حقن خاص طور تي عورتن جي حقن جي پاسداري ا??غا?? حڪومت جي مفاد ۾ آهي. هن چيو ته مون پنهنجي ڪابل جي دوري دوران پاڪستان پاران خيرسگالي جذبي تحت 5 ارب جي امداد جو اعلان ڪيو. هن چيو ته مون کي اهو ٻڌائيندي خوشي ٿي ره?? آهي ته اسان ا??غا??ستان جي لاءِ خوراڪ، دوائن بشمول 50 هزار ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ جي صورت ۾ انساني امداد جي فراهمي جا انتظام مڪمل ڪري ورتا آهن. اسان جي ٽيم ا??غا??ستان ۾ پاڪستان جي معاونت سان هلندڙ ٽن اسپتالن جي دوري جي لاءِ جلد ڪابل پهچندي. شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان ايندڙ سال مارچ ۾ او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 39 هين اجلاس جي ميزباني جي لاءِ تيار آهي، هڪ ٻئي پٺيان ٻن او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي اجلاسن جي ميزباني مسلمان امت کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ پاڪستان جي سنجيدگي جو اظهار آهي. پرڏيهي وزير چيو ته ا??غا??ستان ۾ 40 سالن کانپوءِ امن قائم ٿيڻ جي اميد اهميت رکي ٿي ان کي ضايع ٿيڻ نه گهرجي. ا??غا??ستان جو معاشي انهدام ??ڀني جي لاءِ هڪ جهڙن نقصانن جو سبب هوندو. هن چيو ته پاڪستان ا??غا??ستان جي اڀرندڙ المناڪ معاشي صورتحال طرف عالمي برادري جو ڌيان ڇڪرائڻ جي لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪري ره??و آهي. اسان ڪشمير مسئلي جي حوالي سان او آءِ سي جي مسلسل ۽ اڻٿڪ حمايت جا ٿورائتا آهيون. ا??غا?? نگران پرڏيهي وزير امير خان متقي او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي اجلاس ۾ گهرائڻ تي پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي جا ٿورا مڃيا.