اسلام آباد – 13 جنوري (اي پي پي) دفاع واري وزير پرويز خٽڪ چيو آهي ته عمران خان منهنجو اڳواڻ آهي، آئون وزيراعظم جي خلاف ٿيڻ جو سوچي به نٿو سگهان. پارليامينٽ هائوس ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي دفاع واري وزير چيو ته آئون ٽي وي ڏسي حيران رهجي ويس، مون گئ?? جي مسئلي تي ڳاله?? ڪئي ۽ توانائي واري وزير سان ڳاله?? ڪئي، اسان جو مقصد صوبي ۾ گئ?? جي مسئلي جي حوالي سان هو. گئ?? جي اسڪيمن تي ڳاله?? ڪئي ته اها رڪجڻ نه گهرجي، هن چيو ته آئون وزيراعظم جي خلاف نه آهيان ۽ نه ئي ٿي سگهان ٿو ۽ نه ئي ائين سوچي سگهان ٿو ان لاءِ اهڙيون گمراهه ڪندڙ خبرون نه هلايون وڃن.