اسلام آباد – پهرين فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي و??ير فرخ حبيب چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان اڄ بهاولپور ڊويزن ۾ شامل بهاولپور ضلعي رحيم يار خان ۽ بهاولنگر جي هڪ ڪروڙ 5 لک آبادي کي صحت انصاف ڪارڊ جو تحفو ڏيڻ لاءِ بهاولپور اچي رهيو آهي. مملڪتي و??ير پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ چيو ته پي ٽي آءِ پهرين حڪومت آهي جيڪا بنا فرق جي هر خاندان کي صحت ڪارڊ جي ذريعي ساليانو 10 ل?? رو??ين تائين مفت علاج جي سهولت فراهم ڪري رهي آهي.