اسلام آباد – 10 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عم??ان خان چيو آهي ته خصوصي اقتصادي زونز (SEZs) ۾ وڏي پئماني تي سيڙپڪاري جي ذريعي تيزي سان صنعتڪاري لاءِ ترغيب حڪومت جي اولين ترجيح آهي، مل?? ۾ وڌ کان وڌ سڌي سنئين غير مل??ي سيڙپڪاري متوجهه ڪرڻ تي ڌيان ڏئي رهيا آهيون، ايس ايم اي سيڪٽر جا سمورا التوا ۾ پيل مسئلن کي فوري حل ڪيو وڃي. هن اهڙن خيال?? جو اظهار وزيراعظم جي ترجيحي شعبي جي ترقي جي جائزي تحت ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروباري ادارن (SMEs) لاءِ خصوصي اقتصادي زونز جي سهولتڪاري ماڊل ۽ ريگولٽري گيلوٽين بابت اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. هن چيو ته حڪومت مل?? ۾ وڌ کان وڌ سڌي سنئين غير مل??ي سيڙپڪاري کي متوجهه ڪرڻ تي ڌيان ڏئي رهي آهي، وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته سيڙپڪاري بورڊ پا??ان نشاندهي ڪيل 167 سڌارن مان 112 کي لاڳو ڪيو ويو آهي ته جيئن خصوصي اقتصادي زونز ۾ سمورن امڪاني سيڙپڪارن جي لاءِ ڪاروبار ڪرڻ ۾ آساني کي يقيني بڻائي سگهجي. باقي 55 سڌار?? جون به هڪ مهيني اندر ضروري ريگوليٽري منظوريون ٿي وينديون. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته سڄي مل?? جي سمورن چيمبرز آف ڪامرس اينڊ انڊسٽريز ۽ واپاري تنظيمن سيڙپڪارن جي سهولت جي لاءِ حڪومت پا??ان ڪيل شاندار سڌارن تي وزيراعظم جو ٿورو ادا ڪيو آهي، هن خاص طور تي سيڪيورٽيز اينڊ ايڪسچينج ڪميشن آف پاڪستان پا??ان ڪمپني رجسٽريشن جي عمل ۾ آساني ۽ ان سلسلي ۾ بورڊ آف انويسٽمينٽ جي مجوزه آسان ڪاروبار پورٽل قدم?? جو ذڪر ڪيو، انهي تاريخي قدمن جي ڪري پاڪستان جي تازو ئي بزنس ڪنفيڊنس انڊيڪس ۾ 37 سيڪڙو بهتر ٿي آهي، وزيراعظم اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان، فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) ۽ ڊرگ ريگوليٽري اٿارٽي آف پاڪستان (ڊريپ) سميت سمورن ريگوليٽري اٿارٽيز کي هدايت ڪئي ته هو پنهنجي لاڳاپيل ريگوليٽري فريم ورڪس کي بهتر ڪن ته جيئن سيڙپڪارن جا مسئلا هڪ ئي جاءِ تي گهٽ کان گهٽ وقت ۾ حل ٿي سگهن ڇو ته سيڙپڪاري جا فيصلا ڪرڻ ۾ وقت سڀ کان اهم عنصر آهي، وزيراعظم کيس مل?? ۾ ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروباري ادارن (ايس ايم ايز) جي شعبي جي ترقي ۾ سهولت فراهم ڪرڻ جي به هدايت ڪئي جنه?? جو مل?? جي ڪل برآمدات ۾ تقريبن 25 سيڪڙو جو حصو آهي، هن لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته هو ايس ايم اي سيڪٽر جي سمورن التوا ۾ پيل مسئلن کي فوري طور تي حل ڪن جنهن ۾ ايڪسپ??رٽ ري فنانسنگ جي سهولت، مقامي ٽيڪسز ۽ ليويز (ڊي ايل ٽي ايل) تي ڊيوٽي ڊرابيڪ جي ادائيگي ۽ ان جي ليڪويڊيٽي جي کوٽ کي ختم ڪرڻ جي لاءِ بئنڪن کان فنانسنگ شامل آهن، هن هدايت ڪئي ته سمورن وڏن شعبن خاص طور تي ٽيڪسٽائيل ۽ ايس ايم اي جي لاءِ 5 سالا برآمدي پاليسيون جاري ڪيون وڃن، وزيراعظم کي بريفنگ ڏني وئي ته ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروباري ادارن جي ترقياتي اداري (سميڊا) جي بورڊ کي بهتر بڻايو پيو وڃي ۽ معيشت جي ان اهم شعبي جي ترقي لاءِ 30 اربر وپي?? جو سميڊا فنڊ قائم ڪيو پيو وڃي، اجلاس ۾ وفاقي وزير حماد اظهر، ناڻي واري وزير شوڪت ترين، وفاقي وزير مخدوم خسرو بختيار، قانون واري وزير فروغ نسيم، وفاقي وزير اسد عمر، واپار واري صلاحڪار عبدارزاق دائود، وزيراعظم جي خاص مددگار شهباز گل، سي پيڪ واري خاص مددگار خالد منصور، سيڙپڪاري بورڊ جي چيئرمين اظفر حسن، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر ڊاڪٽر رضا باقر، ايف بي آر چيئرمين ڊاڪٽر محمد اشفاق احمد ۽ ٻين لاڳاپيل سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي جڏهن ته صوبائي چيف سيڪريٽريز وڊيو لنڪ جي ذريعي اجلاس ۾ شريڪ ٿيا.