اسلام آباد – پهرين – اپريل (اي پ?? پي) صدر ڊاڪٽر ع??رف علوي 8 مارچ تي سبي ضلعي ۾ خودڪش حملي ۽ 21 مارچ تي باجوڙ حملي ۾ شهيد ٿيندڙ پاڪ فوج جي جوانن جي وارثن سان ٽيليفونڪ رابطو ڪري شهيدن جي عظيم قرباني تي انهن کي شاندار لفظن ۾ خراج عقيدت پيش ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر روايت موجب شهيدن جي پ??ئينرن سان ٽيليفونڪ رابطو ڪري خودڪش حملي ۾ پاڪ فوج جي جوانن جي شهادت تي سندس وارثن سان همدري جو اظهار ۽ شهيدن جي بلند درجن لاءِ مغفرت جي دعا ڪئي. صدر شهيدن جي ۽ انهن جي خاندانن ک?? وطن خاطر جانين جو نذرانو پيش ڪرڻ تي شهيدن کي شاندار لفظن ۾ خراج عقيدت پيش ڪيو. صدر ڊاڪٽر ع??رف علوي حوالدار عبداللطيف ۽ نائيڪ وحيد الله جي گهرڀاتين سان ڳالهه ٻولهه ڪئي. هن سپاهي عبدالجمال ۽ سپاهي سبطين حيدر جي پ??ئينرن سان به ٽيليفونڪ رابطو ڪيو، صدر 21 مارچ تي باجوڙ ۾ شهيد ٿيندڙن جي پ??ئينرن سان به ڳالهه ٻولهه ڪئي، صدر سپاهي ڪامران خان۽ نائب صوبيدار اشتياق احمد جي وارثن سان به ٽيلفونڪ رابطو ڪيو. صدر شهيدن جي بلند درجن ۽ پوئينرن لاءِ صبر ۽ جميل جي به دعا ڪئي.