لاهور – 05 – اپريل (اي پي پي) وز??راعظم عمران خان چيو آهي ته ملڪ ۾ ايندڙ عام چونڊون ٽن مهينن ۾ ڪرايون وينديون. گورنر هائوس لاهور ۾ پارٽي ورڪرز ۽ عوامي ميڙاڪي کي خطاب ڪندي هن چيو ته هن ڀيري پاڪستان تحريڪ انصاف هيٺين سطح تي مناسب مشاورت کانپوءِ پنهنجي ن??رياتي ڪارڪنن کي ٽڪيٽ ڏيندي. ان موقعي تي پنجاب جو گورنر عمر سرفراز چيمه، پنجاب جو وڏو وز??ر سردار عثمان ب??زدار، اڳوڻن وفاقي ۽ صوبائي وز??رن سميت ٻيا به موجود هئا. وز??راعظم چيو ته آئنده ٽڪيٽس جي نگراني پاڻ ڪندس، هن چيو ته ماضي ۾ پارٽي ٽڪيٽ ڏيندي ڪجهه غلطيون ڪيون جنهن جي ن??يجي ۾ قيمت ادا ڪرڻي پئي، تنهن هوندي به هاڻي انهن غلطين مان سکنداسين. هن اميد ظاهر ڪئي ته عوام ايندڙ چونڊن ۾ انهن سياستدانن کي سبق سيکاريندي جيڪي غير ملڪي سازش جو حصو بڻيا آهن، هن چيو ته انهن غدارن ملڪ جي آزاد پرڏيهي پاليسي کي ختم ڪرڻ جو منصوبو بڻايو آهي ۽ اسان انهن غدارن جي خلاف هر قيمت تي ۽ هر فورم تي وڙهنداسين، وز??راعظم اعلان ڪيو ته اڄ رات عشاءِ جي نماز کانپوءِ ايف نائن پارڪ اس??ام آباد ۾ پرامن احتجاج ڪيو ويندو، هن چيو ته سازش جو حصو بڻجندڙ عنصرن جي سياست ايندڙ اليڪ??ن ۾ ختم ٿي ويندي، ان موقعي تي وز??راعظم عمران خان شفقت محمود کي روزاني لاهور ۾ احتجاج ڪرڻ جي هدايت ڪئي ۽ پنجاب جي گورنر عمر سرفراز چيمه کي به مبارڪباد ڏني.