اسلام آباد – 27 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان نجي شعبي جي ترقياتي منصوبن ۾ ڀرپور شرڪت ۾ ايندڙ رڪاوٽون ختم ڪرڻ جي عزم کي ورجائيندي وزارتن کي ان حوالي سا?? هر ممڪن سهولت فراهم ڪرڻ جي لاءِ موجود قانونن ۽ عملن جو جائزو وٺڻ جي هدايت ڪئي آهي، وزيراعظم وزيرن ۽ صوبائي چيف سيڪريٽرين کي پڻ اها هدايت ڪئي آه?? ته اهي پنهنجي پنهنجي لاڳاپيل کاتن ۾ اهڙن ترقياتي منصوبن جي نشاندهي ڪن جتي رڳو سهولتڪاري، قانونن کي آسان بڻائي يا گهٽ مالي وسيلا لڳائي ترقياتي منصوبن تي ڪ?? شروع ڪري سگهجي ٿو. هن اها هدايت ملڪ ۾ معاشي عمل کي تيز ڪرڻ ۽ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ۽ نجي شعبي جي حصيداري سان م??تلف شعبن ۾ ترقياتي منصوبا شروع ڪرڻ جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي ڏني.