اسلام آباد – 10 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته ملڪي معيشت کي وينٽيليٽر تي ڇڏيندڙن کي عوام پارليامينٽ مان ٻاهر ڪري ڇڏيو، (ن) لي??ي قيادت جي پنهنجي معيشت ۽ ڪاروبار ۾ بلڪل بدحالي آئي آهي، وچ مدي وارين چونڊن جي ڳالهيون ڪري (ن) لي?? پنهنجي گراهڪن کي تسليون ۽ پنهنجي ٻڏل سياسي ٻيڙي کي سهارو ڏئي رهي آهي، ڀائي جان بدڪلامي جُون سموريون حدون پار ڪري پنهنجي ذهنيت جي عڪاسي ڪندي ثابت ڪيو ته هو پنهنجي ماءُ، ڀينر ۽ ان جي عزت ۽ توقير کان آگ??هه نه آهي، ايم ڪيو ايم جا سمورا خدشا ختم ڪري ڇڏيا آهن جلد ايم ڪيو ايم ٻيهر ڪابينا جو حصو هوندي، ڪرونا وائرس جو علاج ۽ روڪٿام ڪندڙ ملڪن ۾ به ڪرونا وائرس تيزي سان پکڙيو، پاڪستان حفاظتي انتظامن، آگاهي ۽ اسڪريننگ تي ڌيان ڏئي رهيو آهي، پاڪ فوج جو مڪمل ڍانچو ان عمل ۾ حڪومت سان گڏ بيٺل آهي. هو وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ بريفنگ دوران مختلف سوالن ج?? جواب ڏئي رهي هئي.