اسلام آباد – 16 مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات وا??ي وفاقي سيڪريٽري اڪبر حسين دراني چيو آهي ته اطلاعات وا??ي وزارت ۽ ان جي ذيلي ادارن جا آفيسر ۽ ملازم اسان جو فخ?? آهن، سڄي دنيا ۾ پاڪستان جو مثبت تشخص اجاگر ڪرڻ جي لاءِ اطلاعات ۽ نشريات وا??ي وزارت جو اهم ڪردا?? آهي، انفارميشن گروپ جي ٻاه??ئي?? ملڪ پوسٽن ۾ اضافي جي لاءِ ڪوششون جاري آهن. هو انفارميشن سروسز اڪيڊمي ۾ 36 هين اسپيشلائيزيشن ٽريننگ پروگرام (ايس ٽي پي) جي پروبيشنرز جي پاسنگ آئوٽ تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو.