اسلام آباد – 12 مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته وفاقي ??ابينا چونڊ عمل ۾ شفافيت جي لاءِ سڌارا آڻڻ جي تجويزن کي ??اراهيندي مختلف ادارن جي سربراهن جي مقرري لاءِ لاڳاپيل قاعدن ۽ ضابطن ۾ تبديلي جو فيصلو ڪيو آهي، وزيراعظم 12 وزارتن ۾ ضابطن جي خلاف مقررين جي رپورٽ جو سخت نوٽيس وٺندي ٻين وزارتن کان به هڪ هفتي اندر رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي، وزيراعظم عمران خان جي سوچ جو محور ملڪ جي غريب ۽ ڪمزور طبقن جي ڀلائي آهي، لاڪ ڊائون ۾ نرمي به انهي سوچ جي عڪاس آهي، اسان کي ماڻهن جي صحت جي حفاظت سان گڏوگڏ انهن ج?? معاشي تحفظ کي ??ه يقيني بڻائڻو آهي. وفاقي ??ابينا جي اجلاس جي فيصلن بابت صحافين کي ??ريفنگ ڏيندي هن ٻڌايو ته ڪابينا اجلاس جي ايجنڊا 7 نقاطي هئي، ڪابينا اجلاس ۾ چونڊ سڌارن جي لاءِ 39 تجويزون پيش ڪيون ويون، اهي تجويزون اعظم سواتي پارليامان?? معاملن واري وزير جي حيثيت سان تيار ڪيون هيون.