اسلام آباد – 07 جون (اي پي پي) وفاقي حڪومت ڪڻڪ جي بين الصوبائي چرپر جي حوالي سان سموريون پابنديون فوري طور تي هٽائڻ ۽ ڪڻڪ جي در??مد جي اجازت ڏيڻ جو فيصلو ??يو آهي، ڪڻڪ جي اها در??مد نجي شعبي ذريعي ڪئي ويندي، ڪڻڪ جي در??مد تي لاڳو ڊيوٽي پڻ م??مل طور تي ختم ڪئي ويندي، ڪڻڪ ۽ اٽي جي ٻاهرئين ملڪ اسمگلنگ جي روڪٿام کي يقيني بڻائڻ ۽ ذخيره اندوزي ۾ ملوث عنصرن جي خلاف وڏي پئماني تي ڪريڪ ڊائون جو فيصلو پڻ ڪيو ويو آهي. اهي فيصلا وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ ملڪ ۾ ڪڻڪ جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۽ اٽي جي قيمتن تي ڪنٽرول کي يقيني بڻائڻ جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس ۾ ڪيا ويا. اجلاس ۾ سڄي ملڪ ۾ اٽي ۽ ڪڻڪ جي وڏي مقدار ۾ دستيابي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ اجلاس ۾ ف??صلو ??يو ويو ته ڪڻڪ جي بين الصوبائي چرپر جي حوالي سان سموريون پابنديون فوري طور تي هٽايون وينديون ۽ چيڪ پوسٽون ختم ڪيون وينديون.