اسلام آباد – 05 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آه?? ته سڄي دنيا ۾ ڀارت جي 5 آگسٽ 2019?? جي هڪ طرفي غيرقانوني قدم، ڪشميرين تي ڀارتي ظلم ۽ ڏاڍ، استحصال ۽ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين جي خلاف اواز اٿاريو پيو وڃي، ڀارت ڊگهي عرصي کان معصوم ڪشميرين جي خلاف ظلم ۽ استحصال جي باوجود انهن جي خودمختياري جي حق جي اڻٿڪ عزم کي دٻائڻ ۾ ناڪام رهيو آه??، ڪشميرين جي آزادي جي جدوجهد منطقي انجام تائين پهچندي ۽ اهو وقت پري نه آه?? جڏهن آزادي جو سج اڀرندو، عالمي برادري ۽ او آءِ سي کي والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلم روڪرائڻ، صحافت جي آزادي کي يقيني بڻائڻ ۽ انٽرنيٽ جي بندش کي ختم ڪرائڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، سموريون سياسي پارٽيون ۽ قوم ڪشمير مسئلي تي متحد آه??. اهڙن خيالن جو اظهار هن استحصال جي ڏهاڙي جي حوالي سان ريلي ۾جي شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي ڪيو. صدر چيو ته استحصال جي ڏهاڙي جو مقصد 5 آگسٽ 2019?? جي ڀارت جي غيرقانوني هڪطرفي قدم جي خلاف عالمي دنيا کي پيغام پهچائڻ آه?? ۽ ڪشميرين سان يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ آه??، ڀارت 5 آگسٽ 2019ع تي 35 اي ۽ 370 کي آئين مان ختم ڪري ڪشمير جي خاص حيثيت ختم ڪري ڇڏي. هن چيو ته ڀارت هر فورم تي چيو ته ڪشمير ٻطرفو مسئلو آه?? جڏهن ته پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ ٻطرفي مسئلن جي حل لاءِ 1973ع جو شملا معاهدو ڪيو ويو، ڀارت ان معاهدي تحت ڪشمير تڪرار جي حوالي سا ڪڏ??ن به پاڪستان سان ڳالهين لاءِ تيار نه ٿيو، ڀارت مختلف بهانا ڪري ڳالهين کان راهه ??رار اختيار ڪري ٿو. صدر چيو ته ڀارت اسرائيل کان ظلم ڪرڻ سکيو آه?? جهڙي طرح اسرائيل غزه ۾ آبادڪاري ڪري رهيو آه?? ۽ فلسطينين تي انهن جي پنهنجي زمين تنگ ڪري ڇڏي آه?? اهڙي طرح ڀارت والاريل ڪشمير ۾ آبادي جو تناسب تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آه??، ڪشميرين تي پيلٽ گنز جو استعمال ڪري رهيو آه??.