اسلام آباد -06 ڊسمبر (اي پي پي) تازو ئي پاڪ بحريه ۾ شامل ڪيل جهاز پي اين ايس تبوڪ ترڪيءَ جي بندرگاهه اڪساز جو دورو ڪيو جتي ت??ڪ بحريه پاڪ بحريه جي جهاز جو استقبال ڪيو. پاڪ بحريه جي ت??جمان موجب جهاز جي ڪمانڊنگ آفيسر ڪمانڊر اڪساز نيول ??يس سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران گڏيل دلچسپي جي پيشيواراڻي معاملن ۽ ٻطرفي سامونڊي ت??اون جي وڌيڪ فروغ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ترڪ بحريه جي عملدارن خطي ۾ ميري ٽائيم سيڪيورٽي جي لاءِ پاڪ بحريه جي ڪوششن کي ساراهيو. پي اين ايس تبوڪ ترڪ بحريه جي جهاز سان گڏيل مشق ۾ پڻ حصو ورتو. پي اين ايس تبوڪ جو ترڪيءَ جو اهو دورو ٻنهي ملڪن خاص طور تي سامونڊي فوج جي وچ ۾ مضبوط ۽ ڀائراڻن ??اڳ??پن جو عڪاس آهي.