اسلام آباد – 18 جون (اي پي پي) وزيراعظم جي سماج تحفط ۽ غربت جي خاتمي بابت خاص مددگار ڊاڪٽر ثانيه نشتر چيو آهي ته ڪريانه اسٽور?? جي نظام جي ڊجيٽلائيزيشن سان نه رڳو روينيو ۾ اضافو ۽ کاڌي پيتي جي شي?? جي قيمتن ۾ گهٽتائي آڻڻ ۾ مدد ملندي پر ٽارگيٽ سبسڊيز ڏيڻ ۾ ب?? مدد ملندي، ايندڙ مالي ??ال ۾ وڌيڪ 28 ضلعن کي بنا وياج قرض پروگرام ۾ شامل ڪيو ويندو، احساس تحفظ پروگرام کي سگهه ڏني ويندي، موجوده بجيٽ ۾ صنعت، ڪاروبار ۽ عوام کي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ ڪيترائي قدم کنيا ويا آهن. سينيٽ ۾ ايندڙ مالي ??ال 22 -2021ع جي بجيٽ تي بحث ۾ حصو وٺندي ڊاڪٽر ثانيه نشتر چيو ته بجيٽ ۾ حڪومتي ترجيحن جو تعين ڪيو ويو آهي، معاشي سرگرمين جو فروغ ۽ عوام جي مشڪلاتن جو ازالو حڪومت جي اولين ترجيح آهي، ان بجيٽ ۾ پگهاردار طبقي تي ڪو به تيڪس نه لڳايو ويو، مزدور جي گهٽ کان گهٽ پگهار 20 هزار روپيا مقرر ڪيو ويو آهي، 260 ارب روپيا احساس پروگرام لاءِ مخ??ص ڪيا ويا آهن، هن چيو ته خصوصي اقتصادي زونز تي ٽي??س ڇوٽ، سيلز ٽي??س تي ڇوٽ، ڪيپيٽل گين ٽي??س ۾ گهٽتائي، ٽيلي ڪام ٽي??س ۾ گهٽتائي ۽ ڪسٽم ڊيوٽي جي مد ۾ صنعت?? جي ڪچي مال تي ڇوٽ ڏني وئي آهي، هن چيو ته اليڪٽريڪل وهيڪل ۽ ننڍين گاڏين تي ٽي??س گهٽ ڪيو ويو آهي، بئنڪنگ ٽرانزيڪشن تي وڌ هولڊنگ ٽي??س ختم ڪيو ويو آهي، هن چيو ته 2021ع ۾ احساس پروگرام لاءِ 209 ارب روپيا مخ??ص ڪيا ويا هئا جنهن مان 97 سيڪڙو خرچ ٿيا، هلندڙ ??ال اها رقم وڌائي 260 ارب روپيا ڪئي وئي آهي. هن چيو ته هن بجيٽ ۾ هڪ ڪروڙ 20 لک ماڻهن کي احساس ايمرجنسي ڪيش جي مد ۾ 12 هزار روپيا امداد ملندي، اهو مرحلو ڊسمبر ۾ مڪمل ڪيو ويندو.