اسلام آباد – 26 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته پاڪستان ۾ جن پارٽين 30 سال حڪومت ڪئي، اڄ اهي پنهنجو منهن لڪائي رهيون آهن، تحريڪ ان??اف واحد حڪومت آهي جيڪا عوام جي سامهون پنهنجي ڪارڪردگي فخر سان پيش ڪري رهي آهي، سمورين وزارتن جي ڪارڪردگي پيش ڪرڻ نئين ??وايت آهي، اڄ اسان جي پرڏيهي پاليسي خودداري تي ٻڌل آهي، افغانستان ۾ اسان جي ڪردار جي اڄ پوري دنيا ??عتراف ڪري رهي آهي. وزيراعظم عمران خان پاڪستان کي عالمي افق تي واپس آندو، ڪشمير، فلسطين ??ميت ٻين وڏن مسئلن تي اسان جي حڪومت هڪ ??وا?? آهي، تحريڪ ان??اف جي حڪومت آبادگارن جي مفاد ۾ ڪيترائي قدم کنيا، هيٺين ??بقي لاءِ احساس پروگرام شروع ڪيو، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي سميت ڪيترن ئي شعبن ۾ جدت آندي، اسان عوام سان ڪيل سمورا واعدا پورا ڪيا، وزيراعظم عمران خان اڄ پنهنجي حڪومت جو آئنده جو لائحه عمل پيش ڪندو. هن اهڙن خيالن جو اظهار هتي ميڊيا ??ان ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات وارو مملڪتي وزير فرخ حبيب به موجود هو. وفاقي وزير چيو ته اڄ ٽي سال مڪمل ٿيڻ تي اسان جو موٽو ”لگن، ان??اف، ان??انيت ۽ خودداري اسان جي منزل“ آهي. هن چيو ته پاڪستان تحريڪ ان??اف جي حڪومت ان??اف، ان??انيت ۽ خودداري لاءِ ڪم ڪيو، ماضي ۾ 30 سال حڪومتون ڪندڙ اڄ پنهنجو منهن لڪائي رهيا ??هن، پر وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ تحريڪ ان??اف جي حڪومت پنهنجي ٽن سالن جي ڪارڪردگي فخر سان عوام جي سامهون پيش ڪري رهي آهي، هن چيو ته ڪنهن سياسي پارٽي ۾ جرئت نه آهي ته هو عوام جي سامهون اچي انهن سان ڪيل واعدن تي پنهنجي ڪارڪردگي پيش ڪري سگهي. چوڌري فواد حسين چيو ته وزيراعظم عمران خان اڄ سمورين وزارتن جي ٽن سالن جي ڪارڪردگي تي ٻڌل ايئر بڪ جو به افتتاح ڪري رهي آهي، هر وزارت پنهنجي ڪارڪردگي عوام جي سامهون پيش ڪري رهي آهي، اسان عوام سان ڪيل سمورا واعدا پورا ڪيا ??هن، هن چيو ته اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت اڄ جي تقريب جي ميزبان آهي. چوڌري فواد حسين چيو ته اسان سمورا انگ اکر ۽ حقيقت سان گڏ پنهنجي ڪارڪردگي رپورٽ عوام جي سامهون رکنداسين، اسان آبادگارن جي ڀلائي لاءِ ڪيترائي قدم کنيا، آبادگارن جي آمدني ۾ اضافو ٿيو، آبادگارن کي 1100 ارب روپين ??ي اضافي آمدني ٿي، جڏهن آمدني ۾ اضافو ٿيندو آهي ته مهانگائي ۾ اضافو غير لاڳاپيل ٿي ويندو آهي، هن چيو ته اسان هيٺين ??بقي لاءِ احساس پروگرام شروع ڪيو، پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ستر سالن کانپوءِ وڏا سڌارا ڪيا، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي سميت ٻين ??عبن ۾ جدت آندي وئي، اڄ اسان جي پرڏيهي پاليسي خودداري تي ٻڌل آهي. هن چيو ته وزيراعظم پنهنجي حڪومت جي آئنده جو لائحه عمل به پيش ڪندو، تحريڪ ان??اف پنهنجا پنج سال مڪمل ڪندي ۽ ايندڙ پنج سال به تحريڪ ان??اف جا ئي هوندا.