اسلام آباد – 08 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي و??ير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته گڏيل عرب امارات وچ اوڀر ۾ پا??ستان جو سڀ کان وڏو واپاري حصيدار آهي، يو اي اي ۾ 16 لک پا??ستاني رهندڙ آهن جيڪي ٻاهرئين ملڪ پا??ستانين جي ٻي وڏ?? محفوظ جڳهه آهي، يو اي اي ڪوويڊ کانپوءِ سڀ کان وڏو ايونٽ ايڪسپو 2021ع منعقد ڪرڻ وڃي رهيو آهي جنهن تي ان کي مبارڪباد پيش ڪريون ٿا. اها ڳالهه هن گڏيل عرب امارات جي سفير حماد عبيد ابراهيم الزابي سان ڳالهائيندي چئي جنهن ساڻس م??اق??ت ڪئي. اطلاعات واري وفاقي و??ير چيو ته دبئي ۾ ٿيندڙ ايڪسپو 2021ع ۾ هن ڀيري پنهنجي طرز جو هڪ منفرد پا??ستاني پويلين هوندو، واپار واري وزارت ۽ اطلاعات واري وزارت ان ايڪسپو ۾ شرڪت جي لاءِ ڀرپور تياري ڪري رهي آهي. خطي جي صورتحال بابت ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي و??ير چيو ته افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام خطي جي مفاد ۾ آهي، پا??ستان افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام جي مخلصاڻي ڪوششون ڪيون. هن چيو ته ڪابل مان پرڏيهي شهرين جي انخلا ۾ اسان جي ڪردار کي پوري دنيا ساراهيو آهي. چوڌري فواد حسين چيو ته پا??ستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ عوامي سطح تي رابطن جي فروغ ۾ يو اي اي ۾ رهندڙ پا??ستاني ڪميونٽي جو ڪردار انتهائي اهميت رکندڙ آهي. ان موقعي تي يو اي اي جي سفير چيو ته گڏيل عرب امارات ۽ پا??ستان جي وچ ۾ سمورن شعبن ۾ لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته پا??ستان خطي خاص طور تي افغانستان ۾ استحڪام جي لاءِ اڻٿڪ ڪردار ادا ڪيو جيڪو ساراهه جوڳو آهي. م??اق??ت ۾ ٻطرفن لاڳاپن، مختلف شعبن ۾ تعاون جي فروغ، افغانستان ۽ خطي جي صورتحال سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي.