اسلام آباد-16 سيپٽمبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري ??فاقي وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته پاڪستان ??فغ????ست??ن ۾ جٽادار امن جو خواهشمند آهي، دنيا کي ??فغ????ست??ن ۾ زميني حقيقتن کي سمجهڻ جي ضرورت آهي، طالبان کي حڪومت سازي ۽ ملڪي معاملا هلائڻ ۾ وقت ڏيڻ گهرجي. اهڙو اظهار هن گڏيل قومن جي پناهگيرن جي هاءِ ڪمشنر فيلپو گرانڊي سان ڳالهائيندي ڪيو، جنهن گذريل ڏينهن هتي ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ??فغ????ست??ن مان پرڏيهين جي واپسي ۽ ??فغ??ن شهرين لاءِ انساني امداد بابت ڳالهيون ڪيون ويون. ملاقات ۾ اتفاق ڪيو ويو ته ??فغ??ن شهرين کي موجوده حالتن ۾ اڪيلو نه ڇڏيو وڃي ۽ انساني بنيادن تي ??فغ??ن شهرين لاءِ خوراڪ، دوائن ۽ ٻين ضروري شين جو بندوبست ڪيو وڃي. گهرو وزير چيو ته پاڪستان پاڙيسري ??لڪ ??فغ????ست??ن ۾ جٽادار امن جو خواهشمند آهي، طالبان کي حڪومت سازي ۽ ملڪي معاملن کي هلائڻ ۾ وقت ڏيڻ گهرجي، دنيا کي ??فغ????ست??ن ۾ زميني حقيقتن کي سمجهڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته طالبان کي ??فغ????ست??ن ۾ حڪمرانيءَ لاءِ مالي ۽ انساني وسيلا يقيني بڻائڻا پوندا، طالب??ن جي اثر هيٺ حڪومت ??فغ????ست??ن جي هڪ ئي ڏينهن ۾ يورپ جي ترقي ممڪن ناهي، ??فغ????ست??ن ۾ امڪاني انساني ڏُڪار بدامني ۽ لاقانونيت کي جنم ڏئي سگهي ٿو. هن چيو ته انساني همدرديءَ تحت خوراڪ ۽ دوائن جون ٽرڪون ۽ جهاز ??فغ????ست??ن اُماڻيا آهن. موجوده حالتن ۾ پاڪستان ??فغ??ن شهرين جي انساني همدردي جي بنياد تي امداد جاري رکندو. گهرو وزير چيو ته هاڻوڪي تناظر ۾ پاڪستان ۾ نڪو ??فغ??ن پناهگير آهي نه ئي ??فغ??ن ڪيمپ. ??فغ????ست??ن مان غير ملڪي ۽ ??فغ??ن شهرين کي ڪڍڻ لاءِ سهولت مرڪز 24 ڪلاڪ ڪم ڪري رهيو آهي. ملاقات ۾ پناهگيرن بابت هاءِ ڪمشنر چيو ته پاڪستان طرفان 30 لک ??فغ??ن پناهگيرن جي لڳاتار سارسنڀال ۾ ڪردار واکاڻ جوڳو آهي. گڏيل قومون ??فغ??ن شهرين کي اڪيلو نه ڇڏينديون، انهن جي هر ممڪن مدد ڪئي ويندي. گڏيل قومن ??فغ????ست??ن لاءِ فنڊ ۽ امداد لاءِ عالمي برادريءَ کي متحرڪ ڪيو آهي. هن چيو ته گڏيل قومن جي عملي جي سيڪيورٽي ۽ ويزا سهولت فراهم ڪرڻ تي پاڪستان حڪومت جا شڪرگذار آهيون. گهرو وزير پاڪستان ۾ ??فغ??ن پناهگيرن جي امداد تي گڏيل قومن جي پناهگيرن بابت هاءِ ڪمشنر جا ٿورا مڃيا.