اسلام آباد – 30 – سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري چيو آهي ته پي ٽي آءِ جي حڪومت انصاف جي فراهمي جي منشور تي قائم ٿي آهي، ڪو به معاشرو سماجي ۽ م??اشي انصاف کي قائم ڪرڻ کانسواٰءِ ترقي نٿو ڪري سگهي، هڪجهڙو تعليمي نصاب لاڳو ڪرڻ هڪ بهترين قدم آهي سڀ کان بهترين نمونو جنهن جي پيروي ڪئي وڃي اهو نبي آخر الزام حضرت محمد ﷺ جي سيرت آهي ۽ موجوده تعليمي نصاب ۾ ان کي شامل ڪيو ويو آهي ته جيئن ايندڙ نسلن کي اسلام جي اصولن تي عمل پيرا ٿيڻ جي تربيت ڏئي سگهجي.
اهڙن خيالن جو اظهار هن اسلام آباد ۾ مذهبي معاملن بابت عالمي ريسرچ ڪائونسل جي اهتمام هيٺ ”مسلم دنيا ۾ جمهوري تبديلي، چئلينجز ۽ موقعا“ جي موضوع تي منعقد ٿيندڙ ٽن ڏينهن واري ورڪشاپ ۾ شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي ڪيو. ڊپٽي اسپيڪر چ??و ته پارليامينٽ مذهبي معاملن بابت ڪا به قانونسازي ڪرڻ کان پهرين اسلامڪ آئيڊيالاجي ڪائونسل کان ان تي راءِ وٺندي آهي، هن ان سلسلي ۾ اسلامڪ آئيڊيالوجي ڪائونسل جي مثبت ڪردار کي ساراهيو. هن چ??و ته پاڪستان جي تخليق ننڍي کنڊ جي مسلمانن جي نظرياتي جدوجهد جو نتيجو آهي،
هن چ??و ته پاڪستان جي بانين علامه مح??د اقبال ۽ قائداعظم محمد علي جناح هڪ اهڙي ملڪ جي لاءِ جدوجهد ڪئي جتي سڀني کي برابر ??ق حاصل هجن ۽ هر شخص پنهنجي عقيدي موجب زندگي گذاري سگهي. هن چ??و ته اسلام امن، هم آهنگي ۽ برابري جو درس ڏي ٿو، انتهاپسندي ۽ امتيازي سلوڪ جي نفي ڪري ٿو، اولهندي دنيا ۾ اسلامو فوب??ا جي چئلينج جو ذڪر ڪندي هن اسلام جي امن جي پيغام کي دنيا ۾ عام ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن چ??و ته افغانستان اسان جو ڀائر اسلامي پاڙيسري ملڪ آهي ۽ پاڪستان سدائين هڪ پرامن ۽ م??تحڪم افغانستان جو خواهشمند رهيو آهي، هن چ??و ته ضرورت جي ان وقت ۾ اسان پنهنجي افغان ڀائرن جي مدد جاري رکنداسين، ان کانپوءِ ڊپٽي اسپيڪر ورڪشاپ ۾ شرڪت ڪندڙن ۾ سرٽيفڪيٽ به ورهايا.