اسلام آباد – 30 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان قومي مفاد کي نظر ۾ رکندي پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ اضافو نه ڪرڻ جو ??يصلو ڪيو آهي. وزيراعظم عوامي ريليف جي ڏس ۾ اوگرا ۽ ناڻي واري وزارت پاران پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ اضافي جي تجويز رد ڪري ڇڏي. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب اوگرا عالمي منڊي ۾ پيٽروليم جي وڌندڙ قيمتن جي ڏس ۾ پهرين نومبر کان پاڪستان ۾ پيٽرول جي ق??مت 11.53 رپيا، هائي ا??پيڊ ڊيزل 8.49 رپيا، گاسليٽ 6.29 رپيا ۽ لائيٽ ڊيزل 5.72 رپيا وڌائڻ جي تجويز ڏني هئي جڏهن ته وزيراعظم تجويز ڪيل اضافي کي رد ڪندي پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن کي وڌائڻ کان روڪي ڇڏيو. حڪومت عالمي سطح تي وڌندڙ مهانگائي جو بار عوام تي منتقل ڪرڻ بدران عوام جي ريليف کي ترجيح ڏئي رهي آهي. اوگرا پاران تجويز ڪيل تازي ا??افي جي مد ۾ عوام تي پوندڙ بار کي حڪومت پاڻ برداشت ڪري رهي آهي.