اسلام آباد – 20 ڊسمبر (اي پي پي) اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي سيڪريٽري جنرل حسين ابراهيم طحه چيو آهي ته اف??انستان جي موجوده صورتحال ت?? او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي 17 هين غير معمولي اجلاس ۾ اف??ان عوام جي مدد لاءِ عالمي فنڊ جو قيام ?? افغانستان لاءِ او آءِ سي جي خصوصي نمائندي جي مقرري اهم ڪاميابي آهي، اميد آهي ته اسلامي تعاون تنظيم جي ميمبر ملڪن کانسواءِ ٻيا ملڪ به ان فنڊ ۾ حصو وجهندا، غير معمولي اجلاس جي ڪاميابي خوش آئنده آهي، اميد آهي ته ان سان خطي خاص طور تي اف??انستان ۾ بهتري ايندي. هو او آءِ سي اجلاس ۾ شرڪت ڪرڻ کانپوءِ واپس وطن روانو ٿيڻ تي ميڊيا سان ڳالهائي رهيو هو، ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب ۽ ٻين کيس الوداع ڪيو. او آءِ سي سيڪريٽري جنرل چيو ته او آءِ سي اجلاس جي ڪامياب انعقاد تي پاڪستان جي عوام ۽ حڪومت جا ٿورا??تا آهيون، اهو غير معمولي اجلاس هڪ وڏي ڪاميابي هو، خطي ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي جي حوالي سان اهو اجلاس اهم هو، هن چيو ته اهو غير معمولي اجلاس ڪامياب رهيو ته جيڪا هڪ خوش آئنده ڳالهه آهي، ڪانفرنس سان خطي خاص طور تي اف??انستان جي صورتحال ۾ بهتري ايندي، هن چيو ته ان اجلاس جي هڪ اهم ڪاميابي اها آهي ته او آءِ سي جي اجلاس ۾ او آءِ سي جي اسسٽنٽ سيڪريٽري طارق بخيت کي اف??انستان بابت خاص نمائندو مقرر ڪيو ويو جنهن پنهنجو ڪم به شروع ڪري ڇڏيو آهي، هو رابطاڪاري جو ڪم سرانجام ڏيندو، هن اجلاس ۾ شريڪ طالبان جي نمائندي سان ملاقات به ڪئي، اميد آهي ته هو مستقبل ۾ به لاڳاپيل اد??رن سان رابطي ۾ رهندو، سيڪريٽري جنرل او آءِ سي چيو ته ٻي وڏي ڪاميابي اف??انستان جي عوام لاءِ خصوصي فنڊ جو قيام آهي جنهن ۾ نه رڳو او آءِ سي جي ميمبر ملڪ پر ٻيا ملڪ به تعاون ڪندا ته جيئن 40 سالن کان مصيبتن جو شڪار اف??انين جي مدد ٿي سگهي، هن چيو ته اجلاس ۾ اف??انستان لاءِ حوصلا اف??ا اعلان ڪيا ويا آهن، ان پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جا تاريخي اثر پوندا، ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل جو ٿورو اد?? ڪندي چيو ته اميد آهي ته اف??انستان جي باري ۾ او آءِ سي جا نمائندا خصوصي فعال ڪردار اد?? ڪندا. هن چيو ته اف??انستان ۾ انساني الميو جنم وٺي چڪو آهي جنهن جي روڪٿام لاءِ او آءِ سي جي پليٽ فارم تان ڀرپور آواز اٿاريو ويو.