اسڪردو – 16 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان اسڪردو ايئرپورٽ جي انٽرنيشنل آپريشن لاءِ توسيع ۽ اپ گريڊيشن جي ڪم جو افتتاح ڪ??ي ڇڏيو.
وزيراعظم ان منصوبي جو افتتاح ڪرڻ جڏهن پهتو ته گلگت بلتستان جي روايتي لباس پاتل ٻن معصوم ٻارن وزيراعظم کي گلدستو پيش ڪيو، ان موقعي تي هوا??از?? وارو وفاقي وزير غلام سرور خان، گلگت بلتستا?? جو وڏو وزير خالد خورشيد ۽ ٻيا به موج??د هئا.
وزيراعظم ان موقعي تي جگوٽ اسڪردو روڊ جي تختي جي نقاب ڪشاي ڪري ا?? جو افتتاح به ڪيو جڏهن ته وزيراعظم کي ان منصوبي جي حوالي سان بريفنگ به ڏني ڏني، مواصلات واري وفاقي وزير مراد سعيد وزيراعظم کي جگوٽ اسڪردو روڊ جي حوالي سان بريفنگ ڏني.