اسلام آباد – 03 جنوري (اي پي پي) صدر ڊ??ڪٽ?? عارف علوي آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ س??وري آبادي ۽ سمورن هاءِ ??يز تي بهتر انٽرنيٽ فراهم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ملڪ ۾ اعليٰ معيار جي آءِ سي ٽي خدمتن جي فراهمي يقيني بڻائڻ جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ انٽرنيٽ جي فراهمي تي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. صدر چيو ته حڪ??مت سمورن شعبن ۾ س??اجي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ وڏي پئماني تي اڀرندڙ ڊيجيٽل ٽيڪنالاجي ۽ جديد ايپس کي اختيار ڪرڻ تي يقين رکي ٿي، براڊ بينڊ ۽ انٽرنيٽ تائين پهچ سان مقامي ماڻهن جي لاءِ روزگار ۽ اي ايجوڪيشن کي فروغ ملندو. ڊ??ڪٽ?? عارف علوي چيو ته آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان سياحت جون پرڪشش جايون آهن ۽ هتي انٽرنيٽ جي فراهمي حڪ??مت جي اهم ترجيح آهي. صدر آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ براڊ بينڊ جي فراهمي ۾ ايس سي او جي ڪردار کي ساراهيو. اجلاس ۾ آءِ ٽي واري وفاقي وزير سيد امين الحق، گلگت بلتستان جي وڏي وزير خالد خورشيد، آزاد ڪشمير جي آءِ ٽي واري وزير محمد اقبال، آءِ ٽي واري وفاقي سيڪريٽري محمد سهيل راجپوت کانسواءِ پي ٽي اي جي چيئرمين ميج?? جنرل (ر) عامر عظيم باجوه ۽ ڊي جي ايس سي او ميج?? جنرل شاهد صديق شرڪت ڪئي. اجلاس کي ڊي جي ايس سي او آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ براڊ بينڊ جي فراهمي جي لاءِ کنيل قدمن تي بريفنگ ڏني.