بيجنگ – 05 فيبروري (اي پي پي) منصوبابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته وزيراعظم ??ي دوري کانپوءِ انفارميشن ٽيڪنالاجي، زراعت ۽ صنعت جي شعبي ۾ چيني سيڙپڪاري ۾ اضافو ٿيندو. پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ هن چيو ته چين جي دوري دوران اسان جون چيني سيڙپڪارن سان ملاقاتون ٿي رهيون آهن جيڪي پاڪستان ۾ مختلف شعبن ?? سيڙپڪاري ۾ دلچسپي رکن ٿا. وزيراعظم پاڻ انهن جي س??وسنئون ڳالهه ٻڌي رهيو آهي ۽ جيڪي نقطا اهي اٿاري رهيا آهن انهن جو جواب ۽ سمورين وزارتن کي ان حوالي سان عملدرآمد جي لاءِ حڪم پڻ جاري ڪري رهيو آهي. وزيراعظم ??مران خان چيني وزيراعظم لي سان ملاقات پڻ ڪري رهيو آهي ۽ پاڪستان جن شعبن ?? سيڙپڪاري جي لاءِ درخواست ڪري رهيو آهي انهن تي به غور ٿيندو. چيني صدر شي جن پنگ سان آچر ڏينهن ٿيندڙ ملاقات ۾ وزيراعظم ??مران خان اهي ئي نقطا اٿاريندو. اميد آهي ته هن دوري کانپوءِ انفارميشن ٽيڪنالاجي، زراعت ۽ صنعت جي شعبي ۾ چيني سيڙپڪاري ۾ اضافو ٿيندو.