اسلام آباد – 27 جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ايئر هيڊڪوارٽرز اسلام آباد جو دورو ڪيو ۽ سربراهه پاڪ فضائيه ايئر چيف م??رشل ظهير احمد بابر سڌو سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران حاضر دور جي تغيراتي جيواسٽريٽجڪ ۽ جيو پوليٽيڪل ماحول ۽ علائقائي سلامتي جي صورتحال تي خي??لن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پاڪ فضائيه جي ترجمان موجب ملاقات ۾ ايئر چيف وزيراعظم پاڪستان ۽ پرڏيهي وزير جي چين جي ايندڙ دوري جي مناسبت سان پاڪستان جي دوست ملڪ چين سان تعاون ۽ ??دي?? ترين ٽيڪنالاجيز جي شعبي ۾ سمارٽ انڊڪشنز جي ذريعي ”پي اي ايف م??رڊنائزيشن پروگرام“ بابت معلومات فراهم ڪئي، ملاقات ۾ ٻنهي پاڙيسري ملڪن جي وچ ۾ ٻين شعبن ۾ گڏيل تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ تي به ڳالهه ٻوله?? ٿي، پرڏيهي وزير پي اي ايف جي بي مثال پيشيوراڻي مهارت کي ساراهيندي پاڪ فضائيه کي نيڪسٽ جنريشن ايئر فورس جي طور تي ??دي?? رخن تي هموار ڪرڻ لاءِ حڪومت جي مڪمل تعاون جي خاطري ڪرائي، هن قائداعظم جي ويزن ”سيڪنڊ ٽونن“ تي عمل پيرا پاڪ فضائيه کي ملڪ جو فتح ن?? ٿيڻ جوڳو دفاع فراهم ڪرڻ تي ساراهيو. ان موقعي تي ايئر چيف دنيا ۾ پاڪستان جي مثبت اميج کي اجاگر ڪرڻ ۾ پرڏيهي وزارت جي ڪردار جي واکاڻ ڪئي.