اسلام آباد – 18 – مارچ (اي پي پي) ايوان صدر جي جامع مسجد مان جمعي جو خطبو سڌو سنئون نشر ??يو ويو، صدر ڊاڪٽر عارف علوي ۽ ايوان صدر جي عملدارن ۽ عملي جمعي جي نماز ادا ڪئي، ايوان صدر جي جامع مسجد مان ”اسلامو فوبيا جي عالمي ڏينهن“ جي موضوع تي خطبو ڏنو ويو، اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي چيئرمين ڊاڪٽر قبله اياز جمعي جو خطبو ڏنو، هن چيو ته مسلمانن سدائين علم کي فروغ ڏنو آهي، خطيب ان ڳالهه ??ي زور ڏنو ته اسان کي ايندڙ نسلن جي لاءِ بهتر معاشرو ۽ ماحول ڇڏڻو آهي. هن چيو ته گڏيل قومن ۾ اسلامو فوبيا جي حوال?? سان قرارداد منظور ڪئي وئي آهي جنهن جي منظوري ۾ سمورن اسلامي ملڪن اهم ڪردار ادا ??يو آهي، ڊاڪٽر قبله اياز چيو ته مسلمانن سدائين هر معاشري جي بهتري لاءِ ڪم ڪيو، وسيلن ۽ ٽيڪنالاج?? سان پوري انسانيت جي بهتر ممڪن بڻائي سگهجي ٿي، واض?? رهي ته صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي هدايت تي ماڻهن جي رهنمائي لاءِ ايوان صدر جي جامع مسجد مان جمعي جو خطبو سڌو سنئون نشر ڪرڻ جو سلسلو شروع ??يو ويو آهي، جمعي نماز جي موقعي تي ملڪ ۽ قوم جي سلامتي، ترقي ۽ خوشحالي لاءِ دعا ڪئي وئي.