اسلام آباد – 05 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف افعانستا?? جي 10 صوبن ۾ ٻوڏ، قيمتي جانين ۽ مالي نقصان تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي ۽ افغان عبوري حڪومت ۽ عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي فوت ٿيندڙ?? جي خاندانن ۽ ٻين متاثرين سان همدردي جو اظهار ڪيو آهي، عالمي برادري افغانستان ۾ ٻوڏ جي تباهين کي منهن ڏيڻ ج?? لاءِ افغان عوام جي هنگامي امداد ج?? لاءِ اڳتي وڌي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جا??ي بي??ن موجب وزيراعظم افعانستا?? جي ٻوڏ متاثرين سان همدردي جو اظهار ڪندي عالمي برادري ۽ او آءِ سي افعان هيومنٽرين ٽرسٽ جي فورم ت??ن متاثر افغان عوام جي مدد جي ڪوششن کي تيز ڪرڻ جو پڻ مطالبو ڪيو ۽ چيو ته ٻوڏ جي نتيجي ۾ افغانستان ۾ اڳ ۾ جاري انساني بحران ۾ وڌيڪ شدت اچڻ جو خدشو آهي. هن چيو ته وقت سر ??دم نه کنيا ته جاني نقصان وڌڻ جو خطرو آهي جنه?? جي لاءِ فوري هنگامي قدم گهربل آهن. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته خوراڪ، طبي امداد، بي گهر ماڻهن کي پناهگاه?? جي فراهم?? لاءِ عالمي برادري خاص طور تي گڏيل قومون افغانستا?? جي مدد جو پروگرام شروع ڪن. هن چيو ته افغانستا?? جي مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ افغان عوام سان گڏ آهيون، هر ممڪن امداد ڪنداسين. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي افغانستا?? جي ٻوڏ متاثر عوام کي امداد جي فراهمي جو پڻ حڪم ڏنو ۽ چيو ته پاڪست??ن متاثري?? جي لاءِ هنگامي امداد موڪلي رهيو آهي. وزيراعظم فوت ٿيندڙ?? جي مغفرت ۽ گهرڀاتي?? جي لاءِ صبر جميل جي دعا پڻ ڪئي.