اسلام آباد – 06 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محم?? شهباز شريف چيو آهي ته پي ٽي آءِ جي حڪومت جي دور ۾ توانائي کان وٺي بنياد?? ڍانچي جي هر منصوبي ۾ دير جو وڏو نقصان ٿيو، ان مجرماڻي غفلت تي انڪوائري جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، بلوچستان جي پسماندگي کي خوشحالي ۾ بدلائڻ اسان جي گڏيل ذميواري ۽ منهنجو مشن آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته اڄ هڪ اجلاس دوران مون گوادر بريڪ واٽر پراجيڪٽ ۾ مجرماڻي غفلت تي جاچ جو حڪ?? ڏنو آهي. هن چيو ته ان تي سخت پريشاني ٿيندي آهي ته پي ٽي آءِ حڪومت 445 ملين ڊالر گرانٽ، 484 ملين ڊالر جي سهولتي قرضن ۽ فزيبلٽي جي موجودگي جي باوجود ان منصوبي کي نظرانداز ڪيو. هن چيو ته پي ٽي آءِ جي حڪومت توانائي کان وٺي بنياد?? ڍانچي تائين هر منصوبي ۾ دير ڪئي، جنهن سان قوم کي وڏو نقصان برداشت ڪرڻو پيو. وزيراعظم محم?? شهباز شريف وڌيڪ چيو ته هاڻي پريزنٽيشنز ج?? وقت ختم ٿي چڪو آهي ۽ ايڪشن ج?? وقت شروع ٿي ويو آهي. هن چيو ته گوادر سي پيڪ جو حصو هجڻ سبب نه رڳو بنياد?? ڍانچي جي ترقي جي حوالي سان اهم آهي پر ان جي سياسي، اقتصادي اهميت به وڌيڪ آهي. هن چيو ته بلوچستان جي پسماندگي کي خوشحالي ۾ بدلائڻ اسان جي گڏيل ذميواري ۽ منهنجو مشن آهي.