اسلام آباد – 31 – آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان گڏ 20 کان وڌيڪ ملڪن جي سفارتڪارن ۽ عالمي ??دارن جي نمائندن ٻوڏ متاثر علائقن جو فضائي دورو ڪيو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان مو??ب پرڏيهي وزير سان گڏ سفارتڪارن ۽ عالمي ??دارن جي نمائندن سنڌ، بلوچستان ۽ خيبرپختونخواهه جي ٻوڏ متاثر علائقن جو دورو ڪيو. ترڪمانستان، بحرين، سعودي عرب، آذربائيجان، جرمني ۽ اسپين جا سفارتڪار ٻوڏ کان متاثر علائقن جي دوري جي موقعي تي بلاول ڀٽو زرداري سان گڏ هئا. پرڏيهي وزير سان گڏ آمريڪا، چين، فرانس، جاپان، اٽلي، ڏکڻ ڪوريا، قطر ۽ ترڪيه کانسواءِ گڏيل قومن سميت ٻين عالمي ??دارن جي نمائندن پڻ ٻوڏ کان متاثر علائقن جوفضائي جائزو ورتو. وفاقي وزير سيد خورشيد شاهه ۽ سنڌ جي وڏي وزير سکر ايئرپورٽ تي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري، منصوبابندي واري وفاقي وزير ۽ سفارتڪارن جو استقبال ڪيو. سفارتڪارن ۽ عالمي ??دارن جي نمائندن کي سکر ايئرپورٽ تي ٻوڏ سبب ٿيندڙ تباهي جي حوالي سان اين ڊي ايم اي پاران بريفنگ ڏني وئي. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري مختلف ملڪن جي سفارتڪارن ۽ عالمي ??دارن جي نمائندن کي پاڪستان ۾ ٿيندڙ نقصانن کان آگاهه ڪيو.