راولپنڊي – 30 آگسٽ ( اي پي پي) پاڪ فوج جو سربراهه جنرل قمر جاويد باجوه سوات پهچي ويو، آرمي چيف اتي ڦ??ٿل سياحن، مقامي ماڻهن سان ملاقات ڪندو، جيڪي ڪمراٽ ۽ ڪالام ۾ شديد برساتن ۽ اوچتو آيل ٻوڏ سبب متاثر ٿيا آهن. آءِ ايس پي آر مطابق ٻوڏ متاثر عورتن، ٻارڙن، پرڏيهين ۽ ٻين متاثرن کي پاڪ فوج جي ايوي ايشن جي هيليڪاپٽرن ذر??عي ڪانجو ڪينٽ سوات منتقل ڪ??و پيو وڃي. انهن متاثرن کي ضروري انتظامي ۽ طبي امداد جي فراهمي بعد کين اباڻن علائقن ڏانهن اماڻڻ ۾ مدد ڪ??ي پئي وڃي.