اسلام آباد -05 سيپٽمبر (اي پي پي) موسمياتي تبديلي واري وفاقي وزير سينيٽر شيري رحمان سان آمريڪي ??فد ملاقات ڪئي. جنهن ۾ ٻوڏ متاثر علائقن ۾ جاري امدادي سرگرمين جي باري ۾ خيالن جي ڏي وٺ ٿي. آمريڪي ڪانگريس جي ميمبر شيلا ??يڪسن لي ??فد جي اڳواڻي ڪري رهي هئي، جڏهن ته ??يمبرن ۾ ٽام سوزي ۽ آل گرين کان علاوه پاڪستان ۾ آمريڪا جو سفير ڊونلڊ بلوم پڻ شامل هو. موسمياتي تبديلي واري وزارت طرفان جاري بيان مطابق آمريڪي وفد ??ي ٻوڏ متاثر علائقن م امدادي سرگرمين سميت متاثرن جي بحالي لاءِ گهربل امداد جي باري ۾ آگاهه ڪيو ويو. وفاقي وزير وفد ??ي ٻڌايو ته ??وڏ سبب 33 ملين ماڻهو شديد متاثر ٿيا آهن، جڏهن ته ??لڪ جا ڏاکڻا علائقا اڃا به پاڻي هيٺ آهن، جيڪي انساني صحت لاءِ خطرناڪ آهن. هن چيو ته ??اڻي سبب پيدا ٿيل بيمارين جي ڪري اسان ??يل?? ايمرجنسي طرف وڃي رهيا آهيون، ٻوڏ سبب اڀرندڙ بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ فوري امداد جي ضرورت آهي. ان موقعي تي آمريڪي ??فد ٻوڏ ۽ برساتن سبب قيمتي جانين جي ضايع ٿيڻ تي افسوس جو اظهار ڪيو. ??فد سانوڻي جي تباهڪارين تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي ڏکي وقت ۾ پاڪستان سان مڪمل تعاون ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.