اسلام آباد – 09 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان گڏيل قومن جي سيڪريٽري ??نرل انتونيو گوتريس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ وفاقي ڪابينا جي ميمبر پڻ موجود هئا. ان موقعي تي وزيراعظم سيڪريٽري ??نرل کي ٻڌايو ته پاڪستان کي عام حالتن جي تناسب کان وڌيڪ ٻوڏ درپيش آهي جيڪو موسمياتي طور تي پيدا ٿيندڙ قدرتي آفت جو خوفناڪ مظهر آهي. هن حڪومت پ??را?? گڏيل قومن جي ادارن، عالمي برادري ۽ انساني همدردي جي تنظيمن سان گڏجي سڄي ملڪ ۾ 3 ڪروڙ 30 لک کان وڌيڪ متاثرين تائين پهچڻ جي لاءِ وڏي پئماني تي ڪئي ويندڙ امدادي ڪاررواين جو خاڪو پيش ڪيو. وزيراعظم چيو ته سيڪريٽري ??نرل گوتريس جو پاڪستان جو دورو هن نازڪ وقت ۾ پاڪستاني عوام سان ڀرپور يڪجهتي جو اظهار آهي. وزيراعظم پاڪستان جي فلڊ ر??سپانس پلان جي فنڊنگ جي لاءِ گڏيل قومن جي 160 ملين ڊالر جي ”فليش اپيل“ سميت عالمي امداد کي متحرڪ ڪرڻ جي لاءِ سيڪريٽري ??نرل جي ڀرپور حمايت ۽ وڪالت کي س??را??يو. هن سيڪريٽري ??نرل پ??را?? انهن ٻوڏن جي موسمياتي تبديلي جي اثرن سان تعلق کي اجاگر ڪرڻ جي پيغام کي س??را??يو. وزيراعظم چيو ته سيڪريٽري ??نرل جي قيادت ۽ وقت سر مداخلت تباهي آڻيندڙ ٻوڏ سان پيدا ٿيندڙ سنگين چئلينجن تي عالمي سطح تي آگاهي ۾ مدد ڏني. وزيراعظم ياد ڏياريو ته عالمي ڪاربن جي هڪ سيڪڙو کان به گهٽ اخراج سان پاڪستان عالمي حدت جي لاءِ سڀ کان گهٽ ذميوارن ۾ شامل آهي. ان جي باوجود هي موسمياتي تبديلي سان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ ٽاپ ٽين ملڪن ۾ شامل آهي. وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته موسمياتي انصاف جي جذبي تحت پاڪستان عالمي برادري ??اص طور تي صنعتي ملڪن پ??را?? ان موسمياتي آفت کي منهن ڏيڻ ۽ بحالي ۽ نئين سر تعم??ر جي لاءِ تعاون جو حقدار آهي. ٻنهي اڳواڻن ٻوڏ کان متاثر آبادي جي بحالي جي مرحلي ۽ ٻوڏ سان تباهه ٿيندڙ علائقن جي نئين سر تعم??ر جي لاءِ پاڪستان جي منصوبن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم گڏيل قومن جي نظام ۽ ٻين عالم?? حصيدارن جي مناسب مدد سان موافقت ۽ تخفيف جي مختلف منصوبن سميت مستقبل ۾ موسمياتي خطرن جي خلاف لچڪ پيدا ڪرڻ جي پاڪستان جي عزم کي ورجايو. پاڪستان سان پنهنجي ڊگهي وابستگي کي ياد ڪندي سيڪريٽري ??نرل پاڪستاني عوام جي لاءِ پنهنجي بي پناهه جذبن جو اظهار ۽ تعريف ڪندي چيو ته هو پاڪستاني عوام جي سخاوت سان گڏوگڏ پنهنجي پاڪستاني رهواسين جي مدد ڪرڻ ۽ ڪيترن ئي ڏهاڪن تائين لکين افغان پناهگيرن جي ميزباني ۾ انهن جي فراخدلي جو گواهه آهي. هن چيو ته هو ٻوڏ جي وڏي پئماني تي تباهي ۽ ان جي اثرن کان پريشان آهي. هن عالمي امداد کي متحرڪ ڪرڻ سميت پاڪستان کي مڪمل حمايت ۽ عزم جو يقين ڏياريو. سيڪريٽري ??نرل ان ڳالهه تي زور ڏنو ته هي رڳو يڪجهتي جو نه پر انصاف جو سوال آهي. هن چيو ته بحالي ۽ نئين سر تعم??ر جي لاءِ گهربل وڏي پئماني تي تعاون کانسواءِ موسمياتي تبديلي جي مسئلي کي جلد، سنجيدگي ۽ ذميوارين سان حل ڪرڻ جي ضرورت آهي جنهن جا هو مستحق آهن. سيڪريٽري ??نرل گوتريس ملڪ ۾ شديد برساتن ۽ ٻوڏ جي ڏس ۾ يڪجهتي جي لاءِ پاڪستان جي ٻن ڏينهن جي دوري ??ي آهي. وزيراعظم ۽ سيڪريٽري ??نرل بعد ۾ نيشنل فلڊ ر??سپانس اينڊ ڪوآرڊينيشن سينٽر ۾ بريفنگ ۾ شرڪت ڪئي. سيڪريٽري ??نرل پنهنجي دوري ??وران ٻوڏ کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ علائقن جو دورو پڻ ڪندو.