نيويارڪ – 23 – سيپٽمبر (اي پي پي) آمريڪي صدر جو بائيڊن پاڪستان ۾ ٻوڏ کانپوءِ مشڪل انساني صورتحال ۾ پاڪستان ج?? مدد ??ار?? رکڻ جي عزم جو اظهار ڪيو آهي جڏهن ته وزيراعظم محمد شهباز شريف ٻوڏ متاث??ين ج?? مدد لاءِ عالمي برادري جي نالي پيغام ۽ پاڪستان جي حمايت تي آمريڪي صدر جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران ??ار?? بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف جي آمريڪي صدر جو بائيڊن سان ملاقات ٿي، اها ملاقات گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس جي موقعي تي ٿي. ملاقات ۾ آمريڪي صدر جو بائيڊن پاڪستان ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ ۾ سوين فوتگين تي افسوس ۽ متاثر خاندانن سان همدردي جو اظهار ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف آمريڪي صدر پاران افسوس ۽ همدردي جي اظهار تي ان جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم ٻوڏ متاث??ين ج?? مدد لاءِ عالمي برادري جي نالي پيغام ۽ پاڪستان جي حمايت تي آمريڪي صدر جا خاص طور تي ٿورا مڃيا. وزيراعظم آمريڪا جي عالمي ترقي واري اداري (يو ايس ايڊ) جي سربراهه جي پاڪستان جي دوري ۽ امداد موڪلڻ تي پڻ آمريڪي ح??وم?? ۽ عوام جا ٿورا مڃيا.