اسلام آباد / واشنگٽن – 29 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري آمريڪي سينيٽ جي پرڏيهي لاڳاپن واري ڪميٽي جي چيئرمين سينيٽر رابرٽ مينينڊيز سان واشنگٽن ۾ ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب هن ٻوڏ سان ??ين??ڙ تباهي جي شدت کي م??هن ڏيڻ جي لاءِ آمر??ڪا جي امداد کي ساراهيندي چيو ته پاڪستان کي پائيدار ۽ ڊگهي مدي واري تعاون جي ضرورت آهي. پرڏيهي وزير چيئرمين مينينڊيز کي ٻوڏ سان ??ين??ڙ تباهي جي اثرن کان آگاهه ڪيو. هن چيو ته ٻوڏ جي تباهين سان گڏوگڏ اهو انساني صحت، خوراڪ جي حفاظت ۽ اقتصادي رخن جو هڪ مشڪل بحران آهي. هن آمريڪي سينيٽ جي پرڏيهي لاڳاپن واري ڪميٽي جي چيئرمين تي ز??ر ڏنو ته هو آمريڪي ڪانگريس ۾ حمايت کي متحرڪ ڪري، ج??ڪا تاريخي طور تي اهڙي قسم جي قدرتي آفتن دوران پاڪستاني عوام سان گڏ بيٺل رهي آهي. سينيٽ جي پرڏيهي لاڳاپن واري ڪميٽي جي چيئرمين ٻوڏ سان ??ين??ڙ تباهي تي پاڪستان جي عوام ۽ حڪومت سان تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪيو. هن پاڪستان کي ان چئلينج تي ضابطو آڻڻ جي قابل بڻائڻ ۾ پنهنجي تعاون جي خاطري ڪرائي. هن چيو ته پاڪستان ۽ آمر??ڪا جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جي قيام جي 75 هين سالگرهه هڪ اهم سنگ ميل آهي، ٻنهي م??ڪن گڏجي ڪم ڪري تمام گهڻو ڪجهه حاصل ڪيو آهي. سينيٽر رابرٽ مينينڊيز پاڪستان آمر??ڪا لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۾ ٻاهرئين ملڪ ره??دڙ پاڪستانين جي ڪردار کي ساراهيو. ملاقات ۾ افغانستان سميت خطي ۾ امن ۽ استحڪام، والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلمن ۽ 5 آگسٽ 2019ع جي غيرقانوني قدمن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.