اسلام آباد – 03 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران خان 10 مهينن تائين تحريڪ جاري رکڻ جو پاڻ اعلان ڪيو، کيس سمجهه اچي وئي آهي ته چونڊون آئيني مدو پورو ٿيڻ تي ٿينديون، عمران خان جي لانگ مارچ ۾ ٿيندڙ افسوسناڪ فوتگين تي ڳڻتي آهي، شهرين جي جان ۽ مال جي تحفظ کي هر قيمت تي يقيني بڻايو ويندو. پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چ??و ته وزيراعظم شهباز شريف اسلام آباد جي شهرين جي لاءِ سفري سهولتن کي بهتر ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، اسلام آباد جي شهرين جي لاءِ سيڪٽر وائيز ميٽرو بس شروع ڪ??ي ويندي، 13 روٽس تي 128 بسون مرحليوار هلايون وينديون، روٽس جو تعين ڪيو ويو آهي، موجوده ميٽرو بسن جي اسٽاپس کي انهن بسن جي روٽس سان ڳنڍيو ويندو. هن چ??و ته وزيراعظم جو ويزن آهي ته اسلام آباد جي شهرين بشمول شاگردن، نوجوانن، ڪاروباري ماڻهن ۽ مزدورن کي بهترين سفري سهولتون فراهم ڪيون وڃن. راولپنڊي، مري ۽ ڀرپاسي وارن علائقن مان اسلام آباد ايندڙ شهرين جي لاءِ ماس ٽرانزٽ جو انتظام ڪرڻ وزيراعظم جي اولين ترجيح آهي. مريم اورنگزيب چ??و ته ملڪ تي گذريل چار سالن دوران نالائقي، نااهلي، چوري، ڌاڙي ۽ ڪرپشن جا پوندڙ اثر هاڻي گهٽ ٿي رهيا آهن. اڳوڻي حڪومت مهانگائي ۾ اضافو ڪيو، ماڻهن کي بيروزگار ڪيو، غيرملڪي لاڳاپا خراب ڪيا، ٻاهرئين سيڙپڪا??ي کي دير جو شڪار ڪيو. هن چ??و ته الله جي فضل ۽ ڪرم سان هاڻي هر شيءَ ٻيهر استحڪام طرف اچي رهي آهي، اسان ملڪ کي خوشحال ڪرڻ جي راهه تي گامزن آهيون، ملڪ جون معاشي حالتون بهتر ٿي رهيون آهن. هن چ??و ته اڳوڻي حڪومت آءِ ايم ايف جي جن سخت شرطن تي صحيحون ڪيون هيون، اسان جي لاءِ انهن تي عمل ڪرڻ ضروري هو، اسان ملڪ کي ڊيفالٽ ٿيڻ کان بچائڻ جي لاءِ مشڪل فيصلا ڪيا. هن چ??و ته مهانگائي جي ذميوار اڳوڻي حڪومت آهي. هن چ??و ته اتحادي حڪومت جي اڻٿڪ جدوجهد سان هاڻي مهانگائي جو رجحان گهٽ ٿي رهيو آهي، رپئي جي ڀيٽ ۾ ڊالر جو قدر گهٽ ٿي رهيو آهي، پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا به مستحڪم ٿي رهيا آهن، سمورين مشڪلاتن جي باوجود عوام کي ريليف ڏنو پيو وڃي. هن چ??و ته وزيراعظم اٽڪل 600 ارب رپين جي تاريخي آبادگار پئڪيج جو اعلان ڪيو، ٻوڏ جي باوجود ملڪ ۾ ڪو بحران نه آهي، بهترين معيار جي ڪڻڪ شفاف عمل ذريعي درآمد ڪئي وئي آهي. هن چ??و ته اڳوڻي حڪومت ڪڻڪ درآمد ڪري هتي مصنوعي کوٽ پيدا ڪئي ۽ پوءِ ٻيهر ڪڻڪ درآمد ڪري مهانگي قيمت تي عوام کي وڪرو ڪئي. هن چ??و ته مسلم ليگ (ن) ملڪ کي بمپر فصل جي سطح تي ڇڏي وئي هئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چ??و ته آبادگار پئڪيج سان انشاءَ الله پاڪستان ٻيهر بمپر فصل طرف ويندو، ان ۾ سمال ميڊيم انٽرپرائيزر، نوجوانن، هارين ۽ ننڍن آبادگارن کي آسان قرض ڏنا ويندا، انهن جي لاءِ بجلي جو اگهه 13 رپيا في يونٽ مقرر ڪيو ويو آهي. هن چ??و ته وزيراعظم ٻوڏ جي صورتحال جي باوجود آبادگارن جي ڀلائي جو سوچيو آهي. ان کانسواءِ پوري دنيا مان پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ٻيهر بحال ٿي رهي آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چ??و ته وزيراعظم گذريل پنجن مهينن دوران ٻوڏ سٽيل علائقن جا دورا ڪيا، اڳوڻي حڪومت جي هٿان تباهه ٿيندڙ سفارتي لاڳاپن کي بحال ڪيو، هاڻي سڄي دنيا مان ماڻهو پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ چاهين ٿا. هن چ??و ته گذريل چار سالن دوران سي پيڪ منصوبا دير جو شڪار ٿيا، اسان انهن کي ٻيهر بحال ڪيو. هن چ??و ته ميڊيا وزيراعظم جي ٻاهرئين ملڪن جي دورن جي اهميت کي ڏسندي ڀرپور ڪوريج ڏني جنهن تي ميڊيا جا ٿورائتا آهيون. هن چ??و ته غيرملڪي سيڙپڪاري اچڻ سان نوجوانن کي روزگار جا موقعا ملندا، ملڪ جون حالتون بهتري طرف گامزن آهن، ٻوڏ متاثرين جي بحالي جو ڪم به شروع ٿي چڪو آهي. هن چ??و ته اسان بار بار چئي چڪا آهيون ته چونڊون موجوده اسيمبلي جو آئيني مدو پورو ٿيڻ تي ٿينديون، لڳي ٿو ته عمران خان کي به سمجهه اچي وئي آهي ۽ هن اعلان ڪري ڇڏيو آهي ته سندس تحريڪ 10 مهينن تائين جاري رهندي. اطلاعات واري وفاقي وزير چ??و ته صحافي صدف نعيم جي موت جي واقعي تي اسان مطالبو ڪيو آهي ته پنجاب حڪومت ان واقعي جي پوري جاچ ڪري پر پنجاب ۾ صدف نعيم جي مڙس کان آڱوٺا لڳرائي بيان ورتا ويا آهن ته هو ڪا قانوني ڪارروائي نه ڪندو. هن چ??و ته ان واقعي جي جاچ ٿيڻ گهرجي. ان کانسواءِ عمران خان جي لانگ مارچ ۾ ٽڪر لڳڻ سان هڪ نوجوان جي حياتي وئي، هڪ بزرگ شهري به فوت ٿيو ۽ هڪ پوليس اهلڪار ڊيوٽي تي دل جو دورو پوڻ سبب فوت ٿيو. هن چ??و ته اسان فوت ٿيندڙن جي پونئيرن سان همدردي جو اظهار ڪريون ٿا ۽ انهن افسوسناڪ واقعن جي مذمت ڪريون ٿا. هن چ??و ته اڳوڻي دور ۾ نيب چيئرمين ۽ ڊي جي ايف آءِ اي کي بليڪ ميل ڪيو و??و ته جيئن سياسي مخالفن جي خلاف ڪيس ٺاهي سگهجن. هن چ??و ته سياسي مخالفن جي خلاف ڪرپشن جا ڪيسز ٺاهيا ويا، انهن کي جيلن ۾ بند ڪيو ويو، جيڪڏهن ڪرپشن ٿي هئي ته نيب چيئرمين انهن تي الزامن کي ثابت ڇو نه ڪري سگهيو؟ سياسي مخالفن جي خلاف هڪ ڪيس ۾ به ثبوت پيش نه ڪيو ويو. هن چ??و ته عمران خان چونڊون نه ٿو چاهي، ان جو مقصد ڪجهه ٻيو آهي، جيڪڏهن هو چونڊون چاهي ٿو ته پوءِ ڌرڻي جي ڪهڙي ضرورت آهي، خيبرپختونخواهه، پنجاب، گلگت بلتستان ۽ ڪشمير جون اسيمبليون ٽوڙي ڇڏي، ملڪ جي 70 سيڪڙو علائقي تي عمران خان جي حڪومت آهي، هو حڪومتي وسيلا استعمال ڪري لانگ مارچ تي لڳائي رهيو آهي، ٻوڏ سٽيلن جي لاءِ گڏ ڪيل پئسو به لانگ مارچ تي لڳي رهيو آهي. هن چ??و ته عمران خان جيڪڏهن چونڊون چاهيندو هجي ها ته هو 7 مارچ تي ان جو اعلان ڪري ڇڏي ها، ان وقت هو وزارت عظميٰ جي ڪرسيءَ تي ويٺل هو، ان وٽ اختيا?? به هو پر هو چونڊون نه پر پنهنجي ڪرسيءَ ۽ اقتدار بچائڻ چاهيندو هو. هن چ??و ته ملڪ جون حالتون بلڪل ٺيڪ آهن، سموريون شيون مثبت وڃي رهيون آهن، اسان عوام سان جيڪو واعدو ڪيو هو ان کي پورو ڪري رهيا آهيون. هن چ??و ته آرمي چيف جي مقرري جو آئيني اختيار وزيراعظم شهباز شريف وٽ آهي. چيف آف آرمي اسٽاف جي مقرري جي لاءِ عمران خان کي پريشان ٿيڻ جي ضرورت نه آهي. هن چ??و ته عمران خان جي لانگ مارچ ۾ کيس هاڻي فيس سيونگ جي ضرورت آهي، رات جو جڏهن هو ڪنٽينر تان گهر وڃي ٿو ته هڪ چينل عمران خان جي ڳالهيون ڪرڻ تي روانگي جي خبر ڏي ٿو پر ٺيڪ 20 کان 25 منٽن کانپوءِ عمران نيازي ٽوئيٽ ڪري ٿو ته منهنجو گهر ويجهو هو، آئون پنهنجي گهر اچي ويو آهيان، آئون ڪنهن سان ڳالهين ۾ ناهيان ويو. هن چ??و ته ڪڏهن ڌمڪيون، ڪڏهن واسطا، ڪڏهن گارگند، ڪڏهن رابطا ان کانسواءِ ڪا حقيقت نه آهي، لانگ مارچ جي حقيقت سپريم ڪورٽ ڪالهه ٻڌائي ڇڏي آهي. هن چ??و ته 25 مئي جي لانگ مارچ جي حوالي سان پي ٽي آءِ جي وڪيلن سپريم ڪورٽ کي گمراهه ڪيو، غلط بياني ڪئي ۽ عمران خان چ??و ته مون کي فيصلي جي خبر نه پئي هئي. هن چ??و ته عدالت به چئي رهي آهي ته پي ٽي آءِ پنهنجي وڪيلن جي ذريعي غلط بياني ڪئي، ڪوڙ ڳالهايو. صحافين جي سوالن جا جواب ڏيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چ??و ته عمران خان جو لانگ مارچ لاهور کان شروع ٿيو آهي، اهو گلگت بلتستان وڃي، خيبرپختونخواهه يا ڪنهن ٻي جڳهه، ان سان اسان کي ڪو سروڪار نه آهي پر جيڪڏهن اهو لانگ مارچ وفاق جي حدن ۾ داخل ٿ??و ته ان جي لاءِ اسان جي تياري مڪمل آهي، اسان کي شهرين جي جان ۽ مال جي تحفظ کي هر قيمت تي يقيني بڻائڻو آهي. هڪ ٻئي سوال تي هن چ??و ته ڪنهن جي اظهار راءِ جي آزادي سان ڪنهن ٻئي جي آزادي متاثر نه ٿيڻ گهرجي، پيمرا ۾ اسان مس انفارميشن ۽ ڊس انفارميشن جي حوالي سان سمورين ڌرين جي مشاورت سان هڪ ترميم آڻي رهيا آهيون، گڏيل مشاورت سان قانون ٺهي ته ان تي عملدرآمد به آسان ٿئي ٿو ۽ ان تي سموريون ڌريون به عمل ڪن ٿيون. هن چ??و ته ڊي فيميشن قانون کي بهتر ڪرڻ جي ضرورت آهي. هڪ ٻئي سوال تي هن چ??و ته پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جي اندر عمران خان جون حڪومتون آهن، هو وفاق جي ڌرين کي وفاق جي خلاف استعمال ڪرڻ چاهي ٿو، لانگ مارچ جي لاءِ حڪومتي مشين??ي کي استعمال ڪيو پيو وڃي. هن چ??و ته آئين ۾ واضح طور تي موجود آهي ته جيڪڏهن ڪٿي ڪو غيرآئيني قدم ٿئي ته ان جو مناسب بندوبست ڪيو وڃي.