گڏيل قومون-03 فيبروري (اي پي پي) سڄي دنيا ۾ انساني ڀائيچاري جو عالمي ڏينهن اڄ ڇنڇر تي ملهايو ويندو. ان مو??عي تي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته عالمي يوم ڀائيچاري جي ڏهاڙي ملهائڻ جو مقصد همدردي، مذ??بي، تفهيم ۽ گڏيل احترام جي قدرن کي هٿي ڏيڻ مڪالمي ۽ عمل ذريعي مذ??ب يا عقيدي جي آزاديءَ جي انساني حقن جي حاصلات کي يقيني بنائڻ لاءِ قدمن لاءِ هڪ فريم ورڪ، ط??يقيڪار ۽ تحريڪ فراهم ڪرڻ آهي. هن ??يو ته امن کي هٿي وٺرائڻ ۽ انسانيت کي متحد ڪرڻ لاءِ اهي قدر انتهائي اهميت جوڳا آهن پر پوري دنيا ۾ نفرت انگيز تقريرون، فرقيواريت، تڪرار ۽ اختلافن کي هٿي ڏئي ورهاست، عدم مساوات ۽ وڌندڙ مايوسيءَ سبب قدم ختم ٿي رهيا آهن، حقيقت اها آهي ته دنيا جي معاشرن ۽ فرقن ۾ مذ??بي انتهاپسندي ۽ اڻبرادشت ۾ واڌ ٿيندو رهي ٿو. هن ??يو ته دنيا ۾ هر جڳهه تي مذ??بي اڳواڻن جو فرض آهي ته هو پنهنجي پيروڪارن وچ ۾ نفرت ۽ انتهاپسنديءَ کي ختم ڪن ۽ هن ??يو ته بين المذاهب مڪالمو مثبت اظهار راءِ پيدا ڪري ٿو، مفاهمت ۽ دلين ۽ ذهنن ۾ امن امان قائم ڪرڻ جي شفاف بخشڻ جو ذريعو بڻجي ٿو. دلين ۽ ذهنن ۾ امن جي سوچ کي هٿي ملي ٿي.