اسلام آباد – 08 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان جي معيشت مثبت رخ ۾ گامزن آهي، قوم سان ??اعدو آهي ته ڪنهن کي 2014ع جي تاريخ ورجائي ملڪي معيشت کي نقصان ??هچائڻ نه ڏينداسين، تحريڪ انصاف پاڪستان جي معيشت تي ڪاري ضرب هنئي، سازشي عنصر ملڪي معيشت کي پٽڙي تان ??اهڻ چاهين ٿا، چين جو وزيراعظم ٻطرفي دوري تي پاڪستان اچي رهيو آهي، سعودي عرب جو وفد جلد پاڪستان اچي رهيو آهي جتي 2 ارب ڊالر جا معاهدا متوقع آهن، اسان جي ڪوششن سان ??يڪس نيٽ کي سگهه ملي آهي، مهانگائي ۾ نمايان گهٽتائي ٿي آهي، روزگار جا موقعا پيدا ٿيا آهن، برآمدات وڌي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم محمد شهباز شريف وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته گذريل ڏينهن ڪراچي ۾ دهشتگردن جي حملي ۾ 2 چيني انجنيئرز مارجي ويا جڏهن ته هڪ زخمي ٿيو، بشام کانپوءِ هي ٻيو افسوسناڪ واقعو هو، بشام واقعي کانپوءِ چين پاران انهن جي شهرين جي حفاظت جي لاءِ وڌيڪ قدم کڻڻ جي درخواست ڪئي وئي ۽ چين جي دوري دوران ان کي ان حوالي سان ??وس خاطري ڪرائي هُئي. جيتوڻيڪ بدقسمتي سان گذريل ڏينهن اهو واقعو پيش آيو. پاڪستاني عوام ۽ حڪومت ان ??اقعي تي چيني عوام ۽ قيادت سان افسوس جو اظهار ڪريون ٿا. چين جي سفارتخاني وڃي چيني سفير سان ??لاقات ڪئي ۽ ساڻس تعزيت جو اظهار ڪيو. وزيراعظم چيو ته سڀني ڪوششن جي باوجود اهو واقعو پيش ٿيو، جنهن تي افسوس آهي، ان جو مطلب اهو نه آهي ته اسان ??عاملن کي اتي ئي ڇڏي ڏيون، اسان جو عزم اڳ کان بلند آهي، سيڪيورٽي کي وڌيڪ فعال بڻائڻ ??ي لاءِ هر ممڪن قدم کڻنداسين. وزيراعظم چيو ته شنگهائي تعاون تنظيم جو سربراهي اجلاس ٿي رهيو آهي، ان جي لاءِ هر ممڪن حفاظتي قدم کڻنداسين. ان حوالي سان سيڪيورٽي تي جامع ميٽنگ ٿي. ان سڄي صورتحال کان به چيني سفير کي آگاهه ڪيو. وزيراعظم چيو ته چين، سعودي عرب ۽ گڏيل عرب امارات ماضي وانگر هڪ ڀيرو ٻيهر آءِ ايم ايف پروگرام ۾ اسان جو ڀرپور ساٿ ڏنو. وزيراعظم چيو ته هڪ طرف ملڪ ۾ ڌرڻا جاري آهن ته ٻئي طرف ملائيشيا جي وزيراعظم انور ابراهيم پاڪستان جو دورو ڪيو، ان سان ??ثبت ڳالهه ٻولهه ٿي، حلال گوشت ۽ چانور جي برآمد جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ٿي، ٻين شعبن ۾ تعاون وڌائڻ ??ي ڳالهه ٻولهه ٿي. چين جي وزيراعظم جي متوقع دوري ۽ ڊگهي عرصي کانپوءِ پاڪستان ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي اجلاس جي موقعي تي چيني شهرين کي هدف بڻائڻ ??نهن جي ذميواري بي ايل اي قبول ڪئي آهي، افسوسناڪ آهي. وفاق جي مٿان چڙهائي ج??ن ڌمڪيون ۽ الزام بازي ج??ڙي افسوسناڪ ڳالهه ٻولهه ڪئي پئي وڃي. اهڙي طرح جا واقعا اسان کي ٻيهر 2014ع طرف وٺي وڃي سگهن ٿا. 2014ع ۾ ڊي چوڪ تي ٽن مهينن کان ??ڌيڪ جو ڌرڻو هنيو ويو، ان ??قت چيني صدر جو پاڪستان جو دورو هو، ان جي باوجود تحريڪ انصاف ۽ ان جي قيادت ان جو ادراڪ نه ڪيو ته ان جي دوري ج?? ملتوي ٿيڻ سان ڪيترو نقصان ??يندو، ان سان ??اڪستان جي معيشت ۽ ساک کي نقصان ??هچندو. حڪومت پوري ڪوشش جي باوجود اهو ڌرڻو ملتوي نه ڪيو، ان ??قت سي پيڪ جي شروعات ٿي رهي هئي، جنهن تحت اربين ڊالر جي سيڙپڪاري ٿيڻي هئي، ان کان ??ڌيڪ پاڪستان کي نقصان ??هچائڻ ??و ڪو ٻيو حربو نه پيو ٿي سگهي، قوم کي ان سازش جي خبر هجڻ گهرجي ته ڪهڙي طرح ملڪ جون پاڙون کوکليون ڪيون ويون، ان ڌرڻي ج?? ڪري 7 مهينن جي دير کانپوءِ اپريل 2015ع ۾ چيني صدر پاڪستان آيو، ان دور ۾ ملڪ ۾ 20، 20 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ هئي، اسان جون صنعتون بند ٿي رهيون هيون، برآمدات ۾ وڌيڪ مشڪلاتون هيون، جڏهن ته باني پي ٽي آءِ پنهنجو ضد نه ڇڏيو، اڄ هڪ ڀيرو ٻيهر انهي تاريخ کي ورجايو پيو وڃي. اسلام آباد تي چڙهائي ڪئي پئي وڃي، اهي پاڪستان کي نقصان ??هچائڻ ??ا ناپاڪ ارادا آهن. وزيراعظم چيو ته اهو سڀ ڇو ٿي رهيو آهي، ان جي هر ڪنهن کي سمجهه آهي ڇو ته ناڻي ٽيم جي شاندار ڪوششن ۽ ٽيم ورڪ سان آءِ ايم ايف جو پروگرام منظور ٿي چڪو آهي، مهانگائي ج?? شرح هڪ سال ۾ 32 سيڪڙو کان گهٽ ٿي 6.9 سيڪڙو تي اچي وئي آهي، برآمدات ۽ مٽاسٽا جي ناڻي ۾ اضافو ٿيو آهي، آءِ ٽي برآمدات وڌي رهي آهي، اسٽاڪ ايڪسچينج تاريخ جي بلند ترين سطح تي آهي، هڪ جٿي کي پاڪستان جي تاريخ ۽ غريب جي بدلجندڙ حالت منظور نه آهي، مهانگائي ج?? بار گهٽ ٿيو، انهن کي خبر آهي ته جيڪڏهن معيشت سنڀلجي وئي ۽ ملڪ پنهنجي پيرن تي بيهي رهيو ته پوءِ اسان کي ڪير پڇندو. هن چيو ته تازي احتجاج ۾ هڪ پوليس ڪانسٽيبل شهيد ٿيو، جتي افراتفري ج?? ماحول هوندو، ڌرڻا هنيا ويندا ته اتي ڪير سيڙپڪاري ڪندو، سيڙپڪاري اتي ٿيندي آهي جتي حالتون پرسڪون هجن ۽ امن هجي. خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير جي سربراهي ۾ وفاق تي چڙهائي ج??ن ڪارروايون جاري آهن، ان سان گڏ افغان شهري ۽ پوليس اهلڪار ۽ سرڪاري ملازم موجود هئا، جتان ??ائرنگ ڪئي وئي، جتي هڪ طرف ملڪ کي ترقي ۽ خوشحالي ج?? رستي تي گامزن ڪرڻ جي لاءِ ايتريون ڪوششون ڪيون پيون وڃن، عوام کي ان صورتحال کان آگاهه نه ڪرڻ زيادتي آهي. ملڪ جي معيشت جي بهتري ج?? رستي ۾ هڪ منظم سازش سان رڪاوٽون وڌيون پيون وڃن. ان کان ??ڏي ملڪ دشمني ۽ زيادتي ڪا به نٿي ٿي سگهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف آءِ ايم ايف جي ايم ڊي جا پاڪستان جي لاءِ پروگرام جي منظوري تي ٿورا مڃيا. جنرل اسيمبلي ج?? اجلاس جي موقعي تي ساڻس ۽ آءِ ايم ايف جي سربراهه سان ??ثبت ڳالهه ٻولهه ٿي. هن اسان جي 7 مهينن جي اقتدار جي دور جي سڌارن کي ساراهيو. هن چيو ته اسان جي ڪوششن فائيلرز جو انگ ٻيڻو ٿي چڪو آهي. ان جي لاءِ ڏينهن رات محنت ڪئي وئي. ناڻي واري وفاقي وزير، ناڻي واري سيڪريٽري، ايف بي آر چيئرمين جيڪو هڪ لائق آفيسر آهي، انهن سڀني ج?? محنت سان ??يڪس نيٽ وسيع ٿي رهيو آهي. ايف بي آر جي ڊيجيٽائيزيشن ٿي رهي آهي. هتي سڌارا آندا پيا وڃن، انهن کي ان شيءَ جو ڏک آهي. بجلي ج?? صارفين کي 50 ارب رپين جي سبسڊي ڏني وئي. پنجاب حڪومت پاران 55 ارب رپين مان 2 مهينن جي لاءِ سهولت ڏنيوئي. پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ مسلسل گهٽتائي ڪئي وئي ج??هن سان غريب ماڻهو کي ريليف مليو. سعودي عرب مان ??فد پاڪستان اچي رهيو آهي. ان سان 2 ارب ڊالر کان ??ڌيڪ جا معاهدا ٿيڻا آهن. انهن ڪوششن کي سبوتاز ٿيڻ نه ڏينداسين. 2014ع جي سازش کي هاڻي ورجائڻ نه ڏينداسين ۽ نه برداشت ڪنداسين. قوم سان ??اعدو آهي ته ائين ٿيڻ نه ڏينداسين، فسادي هوش کان ڪم وٺن. گهيراءُ جلاءُ، گارگند ۽ قوم جي اندر ورڇ کانسواءِ انهن ڪجهه نه ڪيو. نواز شريف 20 ڪلاڪن جي لوڊشيڊنگ جو خاتمو ڪيو. انهن 300 ارب ڊالر واپس آڻڻ ۽ ڪرپشن جي خاتمي جا نعرا هنيا جڏهن ته قوم ڏسي ورتو. وزيراعظم چيو ته ملڪ جي خدمت هڪ سنجيده ڪم آهي. اڄ پاڪستان ۾ انگ اکر مثبت آهن، اتحادي حڪومت نواز شريف جي قيادت ۾ ان ۾ پنهنجو پورو حصو وجهي رهي آهي. دنيا ان جو اعتراف ڪري رهي آهي. آزاد نقاد به رخ جي درستگي کي تسليم ڪن ٿا. وزيراعظم چيو ته هڪ طرف دهشتگردن جي خلاف سيڪيورٽي فورسز منهن ڏئي رهي آهي. چين ۽ پاڪستان جي وچ ۾ فاصلا پيدا ڪرڻ جي لاءِ چيني شهرين کي نشانو بڻايو پيو وڃي. خارجي ۽ هتان جا دشمن گڏ ٿي چڪا آهن. انهن جي مالي مدد ڪٿان ??ي رهي آهي. هن چيو ته جيڪڏهن اسان اڃا به هوش کان ڪم نه ورتو ته پنهنجي دوست نما دشمنن کي نه سڃاتو ۽ 7 مهينن ۾ جيڪي ڪاميابيون حاصل ٿيون آهن انهن جو تحفظ نه ڪيو ته هڪ ڀيرو ٻيهر ملڪ ۽ معيشت کي نقصان ??يندو. اسان کي اميد آهي ته جيڪڏهن ان رستي تي گامزن رهياسين ته پاڪستان ??نهنجو وڃايل مقام حاصل ڪندو. ان جي لاءِ محنت بنيادي شرط آهي. باقي ڪنهن ذريعي سان ترقي ممڪن نه آهي. ڪابينا جي اجلاس ۾ تازو ئي دهشتگردي ۾ شهيد ٿيندڙ پاڪ فوج ۽ پوليس جي اهلڪارن جي ايصال ثواب لاءِ فاتحه خواني به ڪرائي وئي. وفاقي وزير احسن اقبال دعا ڪرائي.