اسلام آباد – 13 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان مان پوليو جي خاتمي لاءِ پوري قوم گڏجي ڪوشش ڪري، پوليو جي خاتمي جي قومي مهم ملڪ جي مستقبل لاءِ انتهائي اهم آهي، پوليو تي ضابط?? نه آندو ويو ته عالمي سطح تي مسئلا پيدا ٿ??ند??، پوليو سبب ملڪ جو تشخص خراب ٿين??ي ڏسڻ نٿا چاهيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن پوليو جي خاتمي جي قومي م??م جي افتتاح جي موقعي تي ڪيو.