اسلام آباد – 25 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪرو??ا وائرس جي خلاف جنگ پوري قوم جي مدد سان ئي کٽي ??گهجي ٿي، ڪرونا جي خلاف جنگ ۾ غريب طبقي جو ڌيان رکڻ سڀني کان وڏو چئلينج آهي، ٽرانسپورٽ جي بندش سان مسئلا پيدا ٿي سگهن ٿا، خوف ۽ گهٻرائٽ ۾ ڪيل فيصلن سان مثبت نتيجا نٿا نڪرن، گذريل ڏينهن تائين پاڪستان ۾ ڪرونا جا 900 حقيقي مريض ه??ا جنهن مان صرف 153 مقامي آهن، وڌيڪ متاثري ٻاهرين ملڪن کان آيل آهن، ملڪ ۾ ڪرو??ا وائرس سبب متاثر ٿيندڙن جو انگ تمام گ??ٽ آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پارلياماني اڳواڻن جي ڪانفرنس کي وڊيو لنڪ ذريعي خطاب ڪندي ڪيو.