اسلام آباد – 13 اپريل (اي پي پي) سين??ٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي سان چين جي سفير ??ائو جنگ پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ڪورونا وائ??س سبب پيد?? ٿيندڙ صورتحال کانسواءِ خطي، علائقائي ۽ عالمي نوعيت جي اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ڪورونا وائ??س سبب پيد?? ٿيندڙ صورتحال تي چين جي سفير ??ڪجهتي جو اظهار ڪندي چين جي حڪومت طرفان هر ممڪن تعاون جي خاطري ڪرائي ۽ چيو ته ڪورونا وائ??س سبب درپيش مسئلي تي چين پاڪستان سان گڏ بيٺل آهي، سين??ٽ چيئرمين چين جي ماهرن جي وفد جي تازي دوري کي انتهائي مفيد قرار ڏنو ۽ چيو ته ماهرن ۽ ميڊيڪل پروفيشنلز پاڪستان جي طبي ماهرن ۽ عملي کي پنهنجي تجربن کان آگاهه ڪيو جنهن سان پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس تي ضابطو آڻن ۾ مدد ملندي.