اسلام آباد – 04 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر ??ارف علوي مصنو??ي ذه??نت کي استعمال ۾ آڻڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ٽيڪنالاجي جي فروغ سان ملڪ کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪري سگهجي ٿو، گورننس ۽ سائنس جي ڳانڍاپي سان ترقي ممڪن آهي، زراعت پاڪستان جو بنياد آهي، ان شعبي ۾ ڊرون ٽيڪنالاجي کي استعمال ۾ آندو وڃي، پاڪستان موجوده حڪومت جي دانشمنداڻي پاليسين ۽ عوام پاران احتياطي تدبيرن تي عملدرآمد جي ڪري ڪورونا وبا تي ضابطو آڻڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪامسٽيڪ يونيورسٽي ۾ مصنو??ي ذه??نت بابت تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. صدر چيو ته مصنو??ي ذه??نت جي ڪري صحيح انگ اکر گڏ ڪرڻ ۽ ان موجب پاليسي سازي ۾ مدد ملي ٿي، مصنو??ي ذه??نت کي استعمال ۾ آڻڻ سان وڌيڪ ڊيٽا گڏ ڪرڻ جي صلاحيتن ۾ اضافو ٿئي ٿو، پاڪستان ۾ 20 ڪروڙ ماڻهن جي ڊيٽا موجود آهي، اها ڊيٽا نئون سون ۽ تيل آهي، اسان ان ڊيٽا جي تجزيه سان منصوبابندي ڪري ڪيترن ئي قدمن ۾ بهتري آڻي سگهون ٿا.