اسلام آباد – 19 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ملڪ ۾ سياحتي ماڳن جي ف??وغ ۽ تعمير ۽ ترقي لاءِ حڪمت عملي ۽ منصوبابندي جي فوري آغاز جي هدايت ڪندي چيو آهي ته ملڪ ۾ مختلف قسم ??ي سياحت جي ف??وغ سا?? معاشي عمل ۾ تيزي ايندي ۽ مقامي آبادين جي لاءِ نوڪرين ۽ روزگار جا موقعا به ميسر ايندا. ان حوالي سا?? سرڪاري ملڪيتي عمارتن کي مثبت انداز ۾ استعمال ۾ آڻڻ جي لاءِ به کنيل قدمن کي وڌيڪ موثر بڻايو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ملڪ ۾ سياحت جي ف??وغ لاءِ کنيل قدمن جي حوالي سا?? اعليٰ سطحي جائزي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو، اجلاس ۾ بحري معاملن واري وزير سيد علي حيدر زيدي، پنجاب جي وڏي وزير سردار عثمان بوزدار، خيبرپختونخوا جي وڏي وزير محمود خان، خاص مددگار لي??ٽي??نٽ جنرل (ر) عاصم سليم باجوه، سيد ذوالفقار عباس بخاري، ڊاڪٽر شهباز گل، پنجاب جي وڏي وزير جي صلاحڪار آصف محمود، صوبائي چيف سيڪريٽريز ۽ ٻين سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي.