اسلام آباد – 29 – ڊسمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر سان پاڪستان ۾ چين جي سفير نونگ رونگ ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻه طرفي لاڳاپن، اهم علائقائي ۽ عالمي م??ام??ن ۽ گڏيل دلچسپي جي ٻين م??ام??ن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، اسپيڪر چيني سفير سان ڳالهائيندي چ??و ته پاڪستان ۽ چين جي و?? ۾ منفرد نوعيت جا دوستاڻا لاڳاپا دنيا جي لاءِ هڪ مثال آهن، ٻنهي دوست ملڪن جا لاڳاپا گڏيل احترام، اعتماد، مفادن ۽ اسٽريٽجڪ حصيداري تي هموار آهن. ٻنهي دوست ملڪن جي و?? ۾ لاڳاپا هر گذرندڙ ڏينهن سان گڏ مضبوط کان مضبوط ٿي رهيا آهن، چين ۽ پاڪستان علائقائي ۽ عالمي م??ام??ن تي هڪجهڙو موقف رکندڙ آهن ۽ ٻنهي دوست ملڪن علائقائي۽ عالمي فورمن تي هڪٻئي جي موقف جي حمايت ڪئي آهي.